ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي في يونٽ 5 روپيا 13 پئسا سستي ڪري ڇڏي نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ بجليءَ جا نوان اگهه هلندڙ مهيني جي بجلي بلز ۾ لاڳو ٿيندا نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ اها لاٿ رڳو هڪ مهيني لاءِ هوندي، فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ اهو رليف 3 سئو يونٽس کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ هوندو










