ڪراچي مڪمل پاڪستان به آهي ۽ مني پاڪستان به: خالد

ڪراچي مڪمل پاڪستان به آهي ۽ مني پاڪستان به: خالد

ڪراچي (رپورٽر): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي شهر صرف هڪ صوبائي پٽي ناهي، پر هي مڪمل پاڪستان ۽ مني پاڪستان جي حيثيت رکي ٿو.جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي فائيو اسٽار چورنگيءَ تي منعقد ٿيل پروقار تقريب کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته جنهن قوم آزاديءَ جي حقيقي قيمت پنهنجي رت سان ادا ڪئي آهي، ان کي ئي ان جي قدر معلوم آهي.تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته پاڪستان مان اجاراداري ختم ڪري شراڪت داري قائم ڪرڻ سان ئي سچي آزادي ملندي. جڏهن ته مصطفيٰ ڪمال پنهنجي خطاب ۾ سخت مٽاسٽا ڪندي چيو ته جعلي ڊوميسائلن جي بنياد تي شهري بجيٽ ۽ ڪوٽا سسٽم جا حق هضم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته نوان انتظامي يونٽس بڻائڻ ئي ملڪ جي آئيني ۽ بنيادي ضرورت بڻجي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو