نصير ميمڻ (آخري ڀاڱو )
اها ڳالهه لساني نفرت جي سياست ڪندڙ گروهه لاءِ وڏي ڳڻتيءَ واري آهي ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ سندن بجاءِ پيپلز پارٽيءَ کي اتحادي بڻائي کين نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ڏهاڪن تائين ڪراچيءَ جي انتظامي ۽ شهري معاملن ۾ ٻاهر رکيل سنڌي هن شهر ۾ هڪ اهم ڌر بڻجي رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ کي اسٽيبلشمينٽ ڀائيواري ته ڏني آهي پر ان کي اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسٽيبلشمينٽ ڪراچيءَ کي هڪ حد تائين مستحڪم به رکڻ گهرندي. اها ڪراچيءَ جي ڪاروباري اهميت کي سمجهندي اتي ٽڪراءَ واري سياست کي ٻيهر سرگرم ٿيندي نه ڏسڻ چاهيندي. لساني نفرتي ٽولي جو تعصب پنهنجي جاءِ تي پر ڪراچي جا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ مسئلا پڻ هڪ حقيقت آهن، شهر جو انفراسٽڪچر ۽ عوامي سهولتون خراب حالت ۾ آهن. پ پ جي انتظامي مشينري گهڻي ڀاڱي ميرٽ کان وانجهيل ۽ ڪل وقتي طور مال ميڙڻ ۾ رڌل رهي ٿي. نتيجي ۾ شهر جو انتظامي ڍانچو به باقي سنڌ جيان برباد ٿي چڪو آهي. نااهلي ۽ رشوت جي اهڙي ڪرڀ جوڳي گڏپ سبب شهري آباديءَ ۽ حڪومت خلاف جيڪو اوٻر آهي، ان کي لساني سياست ڪندڙ گروهه پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ الڳ صوبو بڻائڻ جا مطالبا سياسي ڇڪ پيدا ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي پنجاب جي گاديءَ واري هنڌ لاهور ۾ ايندڙ بهتري سبب ڪراچيءَ جا رهواسي ان سان ڀيٽ ڪرڻ لڳا آهن، نتيجي ۾ پ پ سرڪار جي لاپرواهي ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب نفرتي ٽولي جو بيانيو سگهارو ٿي رهيو آهي. اهو گروهه وڏي مهارت سان سرڪار جي انتظامي نااهلي کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪروڙين ماڻهو سڀ جا سڀ لساني نفرت نه ٿا رکن پر سرڪار جي غلط پاليسين سبب سنڌ ۽ سنڌين بابت عوامي تاثر خراب ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ جي انتظامي بهتري ۽ عوامي خدمتن جي ڍانچي ۾ سڌارو هڪ جائز مطالبو آهي، جنهن جو پڙاڏو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سڄي سنڌ ۾ ميونسپل سروسز جي حالت بدتر ٿيل آهي.
ڪراچيءَ جو انتظامي سڌارو هاڻي ڪنهن هڪ ڌر جي نه پر مجموعي طور سنڌ واسين جي فائدي ۾ آهي، سنڌي ڳالهائيندڙن جو به تمام وڏو انگ هن شهر ۾ رهي ٿو ۽ اهو هوريان هوريان شهر جي معاشي ڍانچي جو حصو پڻ بڻجي رهيو آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي وچولي طبقي جو هڪ نسل شهري ماحول ۾ اسريو آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي تعليمي، معاشي ۽ سماجي ڍانچي سان سلهاڙيل آهي. اهو نسل شارٽ ڪٽ بجاءِ چٽا ڀيٽي ۽ ميرٽ جي بنياد تي پنهنجا رستا ٺاهي رهيو آهي. جيئن جيئن اهو نسل تعليم، هنر ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ پنهنجا بنياد پختا ڪري رهيو آهي، نسل پرست گروهن کي پنهنجو آئيندو اونداهو نظر اچي رهيو آهي. خود نفرت جي سياست کي ڪراچيءَ جا اردو ڳالهائيندڙ پڻ رد ڪري رهيا آهن. انهن هاڪاري لاڙن کي پختو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سرڪار ڪراچيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اهل ماڻهن جي ٽيم جوڙي، جيڪا شهرين جي زندگين مان عذاب گهٽائڻ لاءِ ڪي عملي اپاءَ وٺي. اها الڳ ڳالهه آهي ته نسل پرست گروهه ڪراچيءَ ۾ ڪيترو به سڌارو اچي، ان جي آجيان ڪرڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن بهاني پنهنجي نفرتي سياست جاري رکندو، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ضرور ٿيندو ته کين عوامي موٽ نه ملي سگهندي.
لساني مٿڀرائي واري ڪمپليڪس ۾ ورتل گروهه اٺن ڏهاڪن کان سنڌين بابت ميڊيا وسيلي جيڪو ناڪاري تاثر قائم ڪيو هو، ان کي ميسارڻ لاءِ سنڌي آباديءَ کي وڌيڪ چٽاڀيٽي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي سرڪاري نوڪرين تائين محدود رهڻ بجاءِ شهر جي ڪاروباري معيشت ڏانهن به لاڙو ڪري. اڳي پوءِ ڪراچي جهڙن گهڻن نسلي ميٽروپوليشن شهرن جي اصل سگهه پروفيشنلز ۽ ڪاروباري طبقو هوندو آهي. لساني نفرتي ٽولي کي ان ڏينهن جي ستت اچڻ جي به ڳڻتي آهي، ڪراچي ۾ ڪجهه ورهين کان سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي ڪراچي جي مکيه شاهراهن تي سنڌي ثقافت جي وڏي پيماني تي ٿيندڙ سرگرميون به سندن تعصبي ردعمل جو نشانو رهيون آهن. کين ڪراچيءَ ۾ سنڌي آباديءَ جي واڌ ۽ سگهارو ٿيڻ سبب سخت پريشاني آهي.
ان تعصبي ٽولي جي نظر ۾ ڪراچي اڃا تائين پنجاهه ورهيه اڳ جيان سندن جاگير بڻيل آهي، ۽ سنڌي اڃا تائين ڳوٺن ۾ هارپو ڪندڙ وڏيرن جا غلام آهن. هنن تعصبي اردو ڊرامن ۾ جيڪي مفلس ۽ ويچارا ٿيل سنڌي ڏٺا هئا، اهي هاڻي پڙهي لکي، چٽا ڀيٽي جي دروازن مان لنگهي سيڪريٽري، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن اهڙا آفيسر ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ مقرر ٿين ٿا ۽ هنن شهري وڏيرن کي پنهنجي ڪمن ڪارين لاءِ کانئن ٽائيم وٺڻو ٿو پئي ته کين ائين ئي تڪليف ٿئي ٿي، جيئن ڪنهن وڏيري کي پنهنجي ڪنهن هاريءَ جي پڙهيل لکيل پٽ سان آفيسن ۾ وڃي ملڻو پئي. جڏهن تعصبي ٽولو، ٻهراڙين مان اسري آيل ان نسل کي ايترن سارن اهم عهدن تي ويٺل ڏسي ٿو ته سندن اندر سڙي ڪوئلي ٿي وڃي ٿو ۽ هو نفرت مان غير مقامي جهڙا بڇان ڏيندڙ لفظ استعمال ڪن ٿا. کين پنهنجي ماضيءَ جون شاهي حڪمرانيون ياد اچن ٿيون ته سندن ننڊ ڦٽي ٿي وڃي.
سنڌ صوبي جي هاڻوڪي سياسي بيهڪ ۾ نفرتي ٽولي لاءِ اڳ جهڙيون قبضي گيريون ممڪن ناهن رهيون، ارڙهين ترميم کانپوءِ اهم سياسي ۽ انتظامي فيصلا صوبائي حڪومتن وٽ آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان گروهه کي ارڙهين ترميم بدران مرڪزيت پسند وفاق وڌيڪ وڻندو آهي. خود پيپلز پارٽي بهرحال ارڙهين ترميم جو لاڀ هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهو ئي رويو چئني صوبن جي حڪومتن جو آهي. اسلام آباد مان اختيارين ۽ وسيلن کي صوبن ۾ آڻي نئين قسم جي مرڪزيت قائم ڪئي وئي آهي. اهي اختيار ۽ وسيلا صوبن جي عوام جي اڪثريت جون زندگيون سڌارڻ بدران هڪ مخصوص گروهه جي ڦرلٽ جي ور چڙهي رهيا آهن. سنڌ جي سمورن شهرن توڙي ٻهراڙين کي ارڙهين ترميم جو ثمر عوام جون زندگيون بهتر ٿيڻ جي شڪل ۾ ملڻ گهرجي. ساڳي طرح ڪراچي شهر کي معياري سياست ۽ انتظاميا جي ضرورت آهي، ته جيئن ان کي لساني گروهه جي نفرت واري سياست کان بچائي سگهجي.
هڪ بنيادي حقيقت ڪراچيءَ جهڙن ميٽروپوليشن شهر سان ڳنڍيل آهي، ته انهن شهرن ۾ ڪنهن هڪ قوم يا نسل جي هڪ هٽي ممڪن ناهي هوندي. هن وقت ڪراچيءَ جي بدليل ڊيموگرافيءَ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مخلتف ٻوليون ڳالهائيندڙ آباديءَ جي اڪثريت آهي، تنهنڪري شهر جي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۾ سڀني کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نسلي سياست خود ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي باقي قومن ۽ برادرين کان ڪٽي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. 1985ع کان شروع ٿيل نسلي دهشتگردي واري سياست اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سڀني کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي. ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان ڪٽي الڳ ڪرڻ واري سياست اردو آبادي لاءِ وڌيڪ اڪيلائي پيدا ڪندي. شهر جي حدن ۾ محدود رهندڙ ماڻهن کي اهو اندازو ئي ناهي ته ان قسم جي جاگرافيائي ۽ انتظامي ورهاست عملي طور ممڪن ئي ناهي. ڪراچي شهر پيئڻ جي پاڻي، اناج، گوشت ڀاڄي ۽ اچ وڃ جي لنگهه طور سنڌ جي باقي علائقن تي ايترو گهڻو دارمدار رکي ٿو، جو ان جو الڳ جياپو ممڪن ئي ناهي.
جيتوڻيڪ ڪراچي ملڪي ۽ صوبائي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پر ان جي ٽيڪسز ۾ ڀائيواري بابت گهڻي وڌاءُ تي ٻڌل انگ اکر حقيقت کان گهڻو پري آهن. سنڌ جي باقي ضلعن ۾ ٿيندڙ معاشي سرگرمين جو صوبي جي معيشت ۾ مالي حصو تمام گهڻو آهي، جنهن جي ڪٿ رڳو ڪراچي جي هيڊ آفيسن ۾ فائيل ٿيندڙ ٽيڪسز رٽنرز جي آڌار تي نه ٿي ڪري سگهجي. ٻي ڳالهه ته جنهن نسلي گروهه پاران ڪراچي جي آمدنيءَ جا قصا ٻڌايا ٿا وڃن، انهن کي اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي، ته ڪراچي جي آمدني جو وڏو مرڪز ڪياماڙي ۽ ملير ضلعا آهن، جتي ٻئي سامونڊي بندر موجود آهن. انهن ضلعن جي ڊيموگرافي ۾ ان لساني گروهه جي ڀائيواري تمام ٿوري آهي. تنهنڪري ڪراچي جي معاشي سگهه کي ڪنهن هڪ لساني گروهه جي ملڪيت سمجهڻ وارو تاثر پڻ بي بنياد آهي. ڪراچي جي جائز مسئلن کي شهري مسئلن بدران انهن کي لساني گروهي رنگ ڏيڻ سان اهي حل ٿيڻ بدران وڌيڪ بگاڙ جو شڪار ٿيندا. ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچي رڳو هڪ شهر نه پر ستن ضلعن تي ٻڌل ڊويزن آهي، جن جي ڊيموگرافي ۽ معيشت هڪ ٻئي کان مختلف آهي. ٻي اهم ڳالهه ته جيڪي ڌريون ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪنديون رهن ٿيون، اهي شهر واسين کي اهو ٻڌائين ته شهر جي بجلي، گئس ۽ ريلوي ٽرانسپورٽ جا کاتا اڳي ئي وفاق وٽ آهن، انهن جي ڪارڪردگي ايڏي خراب ڇو آهي؟، اهو وفاق ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ٻه سئو ڪلوميٽرن جو چڱو موٽر وي به ناهي ڏئي سگهيو. ڪراچي ۾ ويهي اسلام آباد مان ان جو انتظام هلائڻ جا ان خواهش جا پير زمين تي نه پر هوا ۾ ٽنگيل آهن.
ڪراچي جي مسئلن جو جٽادار حل ان کي باقي سنڌ سان سلهاڙي رکڻ ۽ ان کي نسلي سياست بدران شهري مسئلن جي جدوجهد سان ڳنڍڻ ۾ آهي. ڪراچي جي مخصوص سماجي ۽ معاشي بيهڪ سبب ان کي گروهي سياست نه اڳ ڪڏهن فائدو ڏنو ۽ نه آئينده ڏئي سگهندي. ڪراچي ان ئي سياسي ماحول ۾ ساهه کڻي رهي آهي، جنهن ۾ باقي سڄو ملڪ ۽ سڄو سنڌ صوبو آهي. ٽڪراءَ ۽ نفرت جي سياست ڪراچي شهر ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جا اهنج گهٽائڻ بدران ان ۾ واڌارو ڪندي. نه رڳو ڪراچي ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ 24 لک اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ مقامي آباديءَ سان گڏجي زندگي گذاري رهي آهي، اها ان قسم جو لساني ورهاڱو نه ٿي ڏسڻ گهري. ڪراچيءَ کان ٻاهر سڄي صوبي ۾ پکڙيل اها وڏي آبادي ثقافتي طور سنڌين سان سلهاڙيل آهي. انهن جا ڪاروبار، زمينداريون ۽ مٽيون مائٽيون به سنڌين سان آهن، اهي ان نفرتي سياست جو حصو بڻجن نه ٿيون چاهين. خود ڪراچي شهر اندر رهندڙ لکين اردو ڳالهائيندڙ ماضيءَ ۾ لساني سياست سبب کين پهتل نقصان سبب ان قسم جي ٽڪراءَ واري سياست جا حامي ناهن.
نفرتي لساني سياست ڪندڙ گروهه اهي حقيقتون شهري آبادي کي ٻڌائڻ بدران کين جنهن سياسي خواب ۽ خمار ۾ وڪوڙي رکيو آهي، ان سان کين لڳي ٿو ته اسلام آباد هڪ حڪمنامو جاري ڪري ڪراچي باقي سنڌ کان الڳ ڪري ڇڏيندو ۽ ٻئي ڏينهن کان ڪراچي سندن ملڪيت بڻجي ويندو. هي نه 1947ع وارو دور آهي نه مشرف جي بدمست آمريت وارو دور آهي. ڪراچي ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي، جنهن جو شهري آباديءَ جي وڏي حصي کي هاڻي ادراڪ به ٿي چڪو آهي، اهو ئي سبب آهي جو 2018ع کان هنن نسلي سياست ڪرڻ بدران وفاقي سياست ڪندڙ پي ٽي آءِ ڏانهن لاڙو شروع ڪيو ۽ گذريل مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي پڻ موٽ ڏني آهي. اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته شهر کي بهتر سياست ۽ انتظاميا فراهم ڪري ته جيئن لساني نفرت کان پري ٿيندڙ عام شهرين کي ٻيهر ان تعصبي گروهه جي ور چڙهڻ کان بچائي سگهجي. هڪ سڌريل سگهاري معيشت وارو محفوظ ڪراچي شهر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي مفاد وٽان آهي.










