ڪراچي  روشنيءَ جي شھر کان باھ ۾ سڙڻ تائين

ڪراچي روشنيءَ جي شھر کان باھ ۾ سڙڻ تائين

تحرير : ساقي ارشاد لورڙ
اڄ پھريون ڀيرو لکندي لفظ ساٿ نہ پيا ڏين لفظ بيجا ٿي ويا آھن ڄڻ سڙي خاڪ ٿي ويا ھجن اندر جا اڌما بيقراري عجب ھلچل ھڪ طرف انسان ذات جي بي وسي جي ڪھاڻي ڪنھن مووي جيئان اکين جي اڳيان ٻئي طرف انساني بي وسي لاچاري ھڪ طرف زنده سڙندڙ لاش ٻئي طرف دانھون سڏڪا اميدون خواهشون وڇوڙا خواب اڌما جذبا خاڪ ٿيندي ڏسڻ تہ وري ھڪ طرف انتظاميان جي لاپرواهي بس سور ئي سور نه چاھيندي لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ، اچو تہ ٿورڙي وضاحت ڪجي ڳالھيون تہ ٻين دوستن به ڪيتريون ئي ڪيون آھن ھن وقت تائين ڪيترائي ميڊيا جا دوست ان مسئلي تي لکي ڳالھائي پنھنجون پنھنجو تجويزون پيش ڪري چڪا آھن پر وري به پنھنجي قلم سان ڪجھ ڳالھيون اوھان دوستن جي نظر ڪندس ،

آءُ تہ ننڍ پڻ کان ڪراچي کي پاڪستان جي دل، هميشه روشني، ترقي، موقعن ۽ اميدن جو شهر ٻڌو ۽ سمجهيو آهي. هي شهر صرف معاشي مرڪز نه آهي، پر ثقافت، سياحت تعليم، ۽ معاشرتي ترقي جي علامت پڻ آهي. پر اهڙي ترقيءَ جي پٺيان ڪيترائي مسئلا لڪيل آهن ، وڌندڙ آبادي ، غيرقانوني تعمير، غير معائنو ٿيل عمارتون، ۽ ناقص انتظام.

گل پلازه حادثو صرف هڪ عمارت ۾ باهه لڳڻ جو واقعو نه هو ، اهو شهر جي انتظامي، قانوني ۽ سماجي غفلت جو نتيجو آهي. جڏهن ادارا ڪمزور ٿين ٿا، ضابطا نظرانداز ڪيا وڃن ٿا، ۽ عوام غير محفوظ حالتن کي نظرانداز ڪري ٿو، تڏهن اهڙا سانحا ٿين ٿا.

ڪراچي ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ماضي ۾ ٿي چڪا آهن علي انٽرپرائزز، بولٽن مارڪيٽ، نيو ڪراچي جا غيرقانوني پلازا، جيڪي قانون کان مٿانهون سياسي ۽ مالي اثر سبب اجازت حاصل ڪندا رهيا. گل پلازه به ان ئي ماحول ۾ وجود ۾ آيو، جتي قانوني نظام، حفاظت ۽ ضابطا سڀ مفلوج هئا، ۽ صرف ڪجهه رسمي دستاويز موجود هئا، جيڪي حقيقت ۾ ڪوبه تحفظ مهيا نه ڪندا هئا.

شهر جي تاريخ ڏيکاري ٿي ته جڏهن ادارا نااهل ٿين ٿا، تڏهن نه رڳو حادثا ٿين ٿا، پر انساني جان جي قيمت به گهٽجي ويندي آهي. گل پلازه سانحو انهيءَ حقيقت جو روشن مثال آهي.

گل پلازه ۾ باهه جڏهن لڳي، تڏهن وقت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو باهه کان اڳ ۽ باهه کان پوءِ ، اهو عام ڏينهن هو، دڪان کليل ھيا مارڪيٽ ۾ دڪانن تي گراهڪ هئا، ۽ ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڪجهه منٽن کان پوءِ زندگي جو مرڪز موت جو مرڪز بڻجي ويندو.

باهه جي شروعات هميشه دونهين سان شروع ٿيندي آهي. پهريان هلڪو ، پوءِ تيز بوءِ، ۽ پوءِ ڪاري دونهين جا بادل. شروعات ۾ ڪيترن ئي ماڻهن اهو سمجھيو ته شايد جنريٽر جو مسئلو آهي يا تار سڙي رهي آهي. پر ٿوري دير ۾ دونهين اهڙي شدت اختيار ڪئي جو اندر جا ماڻهو ڏسڻ کان قاصر ٿي ويا.

لفٽ ۽ ڏاڪڻيون نظر ئي نه پيون اچن ڪيترائي ماڻهو بچڻ لاءِ لفٽن ڏانهن ڊوڙيا، پر اهي لفٽون موت بڻجي ويون. ڪجهه وچ ۾ ڦاسي ويون، تہ ڪجھ گليون ئي نه لائٽ نه ھجڻ ڪري پاور بند ٿيئن ڪري ، ڪجھ ماڻھو بيهوش ٿي ويا ڪي لفٽ ۾ ھڪ ٻئي جي مٿان دٻجي ويا ڏاڪڻيون پڻ محفوظ نه رهيون، ڇاڪاڻ ته ايمرجنسي لائيٽ ۽ رهنمائي وارو نظام موجود نه هو. ماڻهو دونهين ۾ بيهوش ٿي ڪري پيا، ۽ ڪجهه آخري ڪوشش سان بچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.

اندر بند ٿيل ماڻهو فون ذريعي مدد لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا، پر سگنل نه ھجڻ ڪري ڪنھنجي فون تي سگنل ئي نه پئي آيا ۽ پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي. ماڻھن جا آواز ٻارن پڪن پوڙھن عورتن جا آواز معصوم ٻارڙن جا آواز عمارت جي ڀتين ۾ قيد ٿيندا ويا. ًپيارا، ڀاءُ، مدد ڪيون باھ منھنجي ويجھو پھتي آھي ڄاڻ آءُ سڙي ويس….!ً اھڙا جملا ھر اندر فاٿل انسان جا ھيا، پر ڪير ھو جو ھنن تائين پھچي سندن باھ کان بچائي ، ھوريان ھوريان آھون پڪارون دانھون ڏک سک رڙيون سڀ سندن وجود باھ ساڙڻ ۽ ديوارن جا چاپڙ ڪرڻ ڪري دٻجڻ شروع ٿيون پراڻي بلڊنگ ھجڻ ڪري مسلسل باھ ۾ سڙڻ ڪري بلڊنگ ڪرڻ شروع ٿي ۽ آوازن سان گڏ انسان به دفن ٿيئڻ شروع ٿيا.

ٻاهر انتظار ڪندڙ سندن ڪجھ ماڻھن جا وارث ڪن ڀائر ڪن جا پيئر ڪن جون ماءُ تہ ڪن جا پٽ ڌيئر سڀ ان انتظار ۾ سندن واپسي جي اميد ۾ سڏڪي پڪاري روئي رھيا ھيا الله پاڪ کان دعائون گھري رھيا ھيا تہ مالڪ سائين پنھنجي مھر ڪر .

ٻاهريون منظر به انتھائي دردناڪ ھيو ڊيڄاريندڙ روڄ راڙي وارو جنھن ۾ ڪيترائي خاندان نالا پڪاري آسون اميدو ھارائيندا روئي رھيا هئا، مائرون بيهوش ٿي رهيون هيون، پيءُ خاموشي سان آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هو ، پر آس اميد خاڪ دانھون دونھون بڻجي وئي .

ريسڪيو عملي جي اچڻ ۾ دير ۽ ، نه وسيلا نه جديد اوزار، ۽ نه بلند عمارت لاءِ خاص ٽريننگ نہ ڪا سھولت تہ اتي فاٿل ماڻھن کي ڪيئن ريسڪيو ڪجي.

وڏو درد ڀريو منظر ھيو جڏھن اسپتالن ڏانھن اڌ سڙيل ماڻھون لاش منتقل ٿيندڙ ايمبولنس جا سائرن دانھون اذيت ناڪ ڏک حيبت ناڪ درد وارو وقت ھيو ڪجھ انسانن کي ساهه جي تڪليف، جلندڙ جسم، روئندڙ وارث، ۽ ڪيترن کي سڃاڻڻ به مشڪل هو گل پلازه هاڻي هڪ عمارت مان هڪ قبر بڻجي وئي ھئي جتي نه صرف لاش پر سوال ۽ انصاف به دفن ٿي ويو ھيو ،

گل پلازه سانحو دانھون ڪري ٻڌائي ٿو ته ادارا ڪيئن قاتل بڻجن ٿا ڪيئن ٿوري جيب خرچي تي زنده انسانن کي جيئري باھ ۾ ساڙيو وڃي ٿو ، انھن ادارن ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) نقشن ۽ اين او سي ۾ غفلت، غيرقانوني تعمير کي اجازت ڏيڻ، رشوت ۽ سفارش جو عمل، حفاظتي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ. فائر ڊپارٽمينٽ

محدود وسيلا، پراڻي ٽريننگ، جديد ٽرڪ نه هجڻ سبب ريسڪيو ڪرڻ ۾ پھچڻ ۾ دير ، سياسي مداخلت

چونڊيل ۽ بااثر ماڻهن جو دٻاءُ ادارن کي قانون تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ ، رشوت ۽ سفارش حفاظتي انتظام کي بي اثر بڻائي ٿو. حادثي ۾ ڪو فرد سبب نه هو، پر سڄو نظام قاتل بڻيو. جڏهن ادارا جوابده نه ٿين، ته انصاف به حاصل نٿو ٿئي.

اسان جو سماج ڪيترن سانحن جو شاهد رهيو آهي، پر اڪثر ماڻهن جي موت جي انگن ۾ اضافو ٿيو آهي. باقي احتياط ۽ انتظام اھو ئي ساڳيو صدين پراڻو ، اسان وٽ ميڊيا ٿورو وقت ڌيان ڏيندي ، پوءِ خبر وسري ويندي .

ڪجھ عرصي تائين ماڻھون غصي سان يا رنج ۽ ڏک سان پوسٽون شيئر ڪندا ، پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ٻيا موضوع ڪو نئون مسئلو ڪا نئين وجه سندن ڌيان پراڻي مسئلي کان ھٽائي ڇڏي ٿي .

عوام جي خاموشي خوف، بي وسي، ۽ “اسان ڇا ٿا ڪري سگھون” جهڙا جملا غفلت کي عام ڪرڻ ۾ حصو وٺن ٿا.

متاثر خاندانن کي مالي، نفسياتي ۽ قانوني مدد جي غير موجودگي سبب خاندان خاموشي سان پنهنجو درد کڻي هلندا رھندا.

گل پلازه سانحو هڪ سبق آهي، ۽ ان مان هي عملي سبق نڪرن ٿا جيڪي اسان جي حڪومت انتظاميه ادارن کي سختي سان عمل ڪرائڻ لئي پنھنجي پوري مشينري استعمال ڪرڻ گھرجي ، فائر سيفٽي لازمي بڻايو وڃي ، SBCA ۾ اصلاح رشوت کان پاڪ، ڊجيٽل نگراني ، فائر ڊپارٽمينٽ کي جديد وسيلن سان مضبوط ڪيو وڃي ، ذميوارن لاءِ فوجداري سزا، متاثر خاندان لاءِ مستقل مدد مالي، تعليمي، نفسياتي، قانوني ، عوامي شعور جا قدم ، سوال، احتجاج، ۽ بي حسي کان بچاءُ واري پاليسي اختيار ڪجي . ڪراچي کي بچائڻ ممڪن آهي، پر صرف تڏھن جڏهن ادارا جوابده ٿين، سماج جا فرد جاڳندا، ۽ عوامي شعور برقرار رهندو.

گل پلازه سانحو صرف هڪ حادثو نه، پر شهر جي ھر فرد لئي ھڪ ميسج ھڪ سوال آھي . انساني جان سڀ کان قيمتي آهي، ۽ نظام، ادارا ۽ سماج گڏجي رڳو روئڻ لاءِ نه، پر عمل ڪرڻ لاءِ موجود ھوندا آهن.

تنھنڪري ادارن سان گڏجي عام بلڊنگ انتظاميا حڪومتي ادارا ۽ عوام ان تي عمل ڪري اڳتي لئي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ھڪ ٻئي جي جان بچائڻ .

پهنجو تبصرو موڪليو