ڪراچي جي ڇوڪري جو خيرپور واسي سان پيار جو پرڻو

ڪراچي جي ڇوڪري جو خيرپور واسي سان پيار جو پرڻو

خيرپور (محمد علي جانوري ) ڪراچي واسي نوجوان ناري مسمات پنڪي ڌيءَ پري مل اوڏ ويٺل اعظم ٽائون نزد ڪورنگي ڪراچي، خيرپور جي نوجوان هريش ڪمار پٽ مورمل اوڏ ويٺل نزد پشاوري هوٽل تعلقه ڪوٽڏيجي سان خيرپور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري. مذهبي طور مهراج آڏو ڦيرا ڏئي شادي ڪري ڇڏي. پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي ميڊيا کي ٻڌايو ته پسند جي شادي ڪرڻ سان ناريءَ جا مائٽ حاڪم اوڏ، صاحب، شاهد، اربيلو، هريش، قالو، نصرو ۽ ٻيا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جن کان جان جو خطرو آهي، جنهن ڪري دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. جوڙي سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو