ڪراچي جي ميئرشپ، جماعت اسلامي ۽ پي پي جو ڪاڪ ٽيل

محمد اسماعيل لانگاھ
سنڌ جي گادي واري شهر سميت مختلف ضلعن ۾َ ٿيل بلدياتي انتخابات کانپوء آيل سرڪاري نتيجن مطابق گادي واري شهر جي حڪمراني لاء پ پ ۽ جماعت اسلامي طرفان سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن، ٻنهي پارٽين طرفان پنهنجي پارٽي جو ميئر آڻڻ لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن پ پ 96 ۽ جمائت اسلامي 86 سيٽن جي برتري باوجود ڪنهن ٻي پارٽي جي سهاري بنا ميئر آڻڻ جي پوزيشن نه هئڻ کان پوء ٻُڏتر ۾ آهن ۽ جي يو آء پاران ڌانڌلين ۽ نتيجا روڪڻَ جو الزام لڳايو پيو وڃي جنهن کي پ پ تسليم ڪرڻ لاء تيار ناهي، ٻنهي پارٽين کي پنهنجي ميئر آڻڻ لاء پي ٽي آء يا جي ڊي اي سان رابطو ڪرڻو پوندو، ۽ ايم ڪيو ايم جيڪا پ پ سان اليڪشن تڪ بندين جي حوالي سان ناراضگي جو اظهار پڻ ڪري چُڪي آهي ايم ڪيو ايم جي ناراضگي کانپوء پ پ ۽ جي يو آء لاء ميئر جي مقرري ۾ پي ٽي آء اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڇو ته ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سبب پ پ جمائت اسلامي کان پوء پي ٽي آء وٽ اڪثريت آھي جيڪا گادي واري شهر ۾ ميئر آڻڻ لاء وڏو اهم ڪرادر ادا ڪندي، ظاهري طرح پ پ پي ٽي آء سان نه اتحاد ڪندي نه وري هن اهڙي راء جو اظهار به ڪيو آهي ظاهري طرح ڳالھ اها آهي ته جماعت اسلامي۽ پ پ ۾ ان دوران ڪو سمجهوتو ٿي به وڃي پر ڪس ڪسر جي حساب سان جيڪڏھن پ پ پنهنجو ميئر آڻڻ چاهيو ته هن کي زهر جو ڍُڪ پيئڻو پوندو ۽ هو پي ٽي آء سان ڪهڙي به صورت ۾َ ويجهڙائي ڪري سگهي ٿي جيڪڏھن ايئن نه ٿيو ته جماعت اسلامي پي ٽي آء سان اتحاد ڪري ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر منتخب ڪري ويندي جيڪو پ پ هن وقت ايئن ٿيڻ نه ٿي چاهي پر جماعت اسلامي طرفان پ پ مٿان ڌانڌلين ۽ نتيجا روڪڻ وارن لڳايل الزامن کانپوء پ پ ۽ جي يو آء ۾ سردجنگ جاري ٿي وئي آهي, پ پ اڪثرت باوجود جماعت اسلامي سان ڳالهين جو راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي ذريعن موجب جماعت اسلامي قيادت مطالبو ڪيو آهي ته اسانجي اڪثريت کي قبول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھُن ڌرڻن جو اعلان به ڪيو آهي جنهن سبب پ پ مونجهارن ۾ آهي جيڪڏھن ميئر جي چونڊ لاء پ پ پي ٽي آء سان اختلافات ختم ڪري معاملا طئي ڪري وئي ته جماعت اسلامي اڪثريت باوجود پنهنجي پارٽي جو ميئر مقرر ڪرڻ کان رهجي ويندي پر پي ٽي آء پارٽي جي اعلي قيادت سان صلاح مصلحت کانپوء ئي پي پي سان اتحاد ڪندي ۽ شايد اعلي قيادت رضامندي نه به ڏيکاري ذريعن موجب جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آء جو اتحاد ٿيڻ اڻٽر ٿي چُڪو ۽ ٻي ڪنهن پارٽي وٽ ميئر جي چونڊ جيتريون اڪثريتي سيٽون نه هئڻ کانپوء پي ٽي آء جون سيٽون پ پ ۽ جماعت اسلامي لاء انتهائي ضروري ٿي ويون آهن,, جيڪڏھن پ پ سياسي اختلافن کي دفن ڪري پي ٽي آء سان اتحاد ڪري ٿي ته ميئر سندن پ پ جو ئي ٿيندو جيڪڏھن هن ايئن نه ڪيو ته پوء جماعت اسلامي جو ميئر ئي ٿيندو ۽ جيڪو ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ ڪراچي ۾ پ پ جي ووٽ بئنڪ لاء وڏو نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو, ۽ جڏھن ته ايم ڪيو ايم قيادت پ پ سان چونڊن ۽ تڪبندين جي حوالي سان پاسيري ٿي وئي آهي ۽ پ پ لاء هي سونهري موقعو آهي ته هو جماعت اسلامي سان ئي اتحاد کي يقيني بڻائي ٻي صورت ۾ ايم ڪيو ايم جي ناراضگي ۽ پي ٽي آء جي ڪراچي ۾ وڌندڙ مقبوليت پ پ کان ڪراچي جي حڪمراني تان هٿ ڌوئڻا ئي پئجي وڃن

پهنجو تبصرو موڪليو