عوام کي گهربل بنيادي سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون

عوام کي گهربل بنيادي سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد سان گڏ ورلڊ بينڪ گلوبل جي ڊائريڪٽر سروج ڪمار جها سان چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات ڪندي ڪراچي ۾ پاڻي ۽ نيڪال جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفد ۾ ورلڊ بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسن، واٽسسن جي سينيئر ماهر خيري الجمال، پريڪٽس مئنيجر جوسز موگابي ۽ ٻيا شامل هئا، ملاقات دوران سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، پي ڊي ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي عثمان معظم، ڊي ايم ڊي پلاننگ محمد ايوب شيخ، شڪيل قريشي، زهرا دستگير، سردار شاھ، الاھي بخش ڀٽو ۽ صديق تنيو پڻ موجود هئا، ملاقات دوران سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران وفد کي واٽر ڪارپوريشن جي آپريشنز ۽ موثر سروس ڊليوري جي حڪمت عملي بابت آگاهي ڏني، ھن وفد کي اداري جي سڌارن، موثر خدمتن جي فراهمي، آمدني ۾ واڌ ۽ نجي شعبي جي شموليت تي عالمي بئنڪ سان تعاون جي عزم جي روشني ۾ ڪارپوريشن جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ پڻ پيش ڪيو، ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي وفد پاران انتظاميہ جي انهن سمورن شعبن ۾ کنيل قدمن کي ساراهيندي غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪامياب آپريشن جي تعريف ڪئي، ملاقات دوران ورلڊ بينڪ جي گلوبل ڊائريڪٽر سروج ڪمار جھا يوٽيلٽي کي سڌارڻ، روينيو ۾ اضافو، نجي شعبي جي شموليت وڌائڻ ۽ ڪراچي شهر کي پائيدار پاڻي جي فراهمي جي ذريعي يوٽيلٽي کي خود مختيار ۽ سياسي طور تي آزاد بڻائڻ تي انتظاميه جي واکاڻ ڪئي ۽ انھن جي شاندار منصوبن کي پڻ ساراهيو، ان موقعي تي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي عوام کي موثر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري فيصلا ڪرڻ لاءِ حڪومت جي سهڪار جي خاطري بابت پڻ آگاھ ڪيو، هن وفد کي عالمي بئنڪ ۽ واٽر ڪارپوريشن جي وچ ۾ تعاون جي ٻين موقعن جهڙوڪ يو سي سطح تي ڪميونٽي بيسڊ ۽ آر او پلانٽس جي ترقي بابت پڻ آگاھي ڏني، ميئر ڪراچي وفد کي واٽر ڪارپوريشن جي گرين انرجي جي خاصيت خاص طور تي سولر ۽ ونڊ انرجي بابت مستقبل جي منصوبن جي ترقي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن کان آگاھ ڪيو، ان موقعي تي عالمي بئنڪ جي وفد شهر ۾ خدمتن جي بهتري لاءِ ميئر ڪراچي جي ڪوششن کي ساراهيندي وڌيڪ موثر خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل منصوبن لاءِ پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي وفد هائيڊرنٽ مينيجمينٽ اينڊ مانيٽرنگ سينٽر جو دورو ڪري ڪارپوريشن کي وڌيڪ موثر ۽ خدمت تي ٻڌل اداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي ڪوششن کي ساراهيندي هائيڊرينٽ مينيجمينٽ اينڊ مانيٽرنگ سينٽر قائم ڪرڻ ۽ بي مثال آپريشنز ڪرڻ تي سندس تعريف ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو