ڪراچي (رپورٽر): سيٽيزن پوليس لائيزن ڪميٽي (سي پي ايل سي) ڪراچي ۾ گذريل مهيني جولاءِ دوران ٿيندڙ سنگين ڏوهن ۽ وارداتن بابت تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب جولاءِ جي مهيني دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ هٿياربندن هٿان 40 شهري قتل ٿيا، جڏهن ته ڀتي خوريءَ جا 18 واقعا سرڪاري طور تي رپورٽ ٿيا.سي پي ايل سي جي انگن اکرن موجب جولاءِ مهيني ۾ شهرين کان 1 هزار 846 موبائل فون، 110 ڪارون چوري ۽ 12 ڪارون هٿيارن جي زور تي ڦريون ويون. ان کان علاوه شهر مان 2 هزار 648 موٽرسائيڪلون چوري جڏهن ته 492 موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون ويون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو گراف اڃا تائين پهريان وانگر تيزي سان جاري آهي.










