جشنِ آزاديءَ تي هوائي فائرنگ، عورت فوت، 85 ڄڻا زخمي

جشنِ آزاديءَ تي هوائي فائرنگ، عورت فوت، 85 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر): پاڪستان جي 79هين جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ٿيل انڌاڌند هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت حياتي وڃائي ويٺي جڏهن ته ٻارڙن ۽ عورتن سميت 85 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب جشنِ آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ لياري، صدر، کورنگي، ملير، عزيز آباد، نارتھ ناظم آباد، اورنگي ٽائون ۽ ڊيفينس سميت مختلف علائقن ۾ نامعلوم سمت کان آيل انڌين گولين سبب ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي جناح، سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پاپوش نگر واري علائقي ۾ هوٽل جي ميز تي پستول رکڻ دوران حادثاتي فائر ٿيڻ سبب عورت فوت ٿي وئي، جنهن تي سندس مائٽ عمران کي گرفتار ڪيو ويو.ٻئي طرف گلشنِ اقبال مان فائرنگ ڪندڙ هڪ سيڪيورٽي گارڊ کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي ٻين علائقن مان به متعدد جوابدارن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو