اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب مرتضيٰ وهاب صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جي لاءِ اڄ اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويندو.ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ميگا اسڪيمن ۽ پاڻي جي فراهمي تي ميئر ڪراچي صدر آصف علي زرداري کي بريفنگ ڏيندو. صدر آصف علي زرداري ۽ ميئر ڪراچي جي ملاقات سومر جي ڏينهن (اڄ) شيڊول آهي.










