ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي ۾ باهه، 7 ڄڻا سڙي فوت

ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي ۾ باهه، 7 ڄڻا سڙي فوت

خيرپور )ن س) خيرپور ويجهو ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي ڪوچ ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ٻارڙن سميت 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 22 ورهين جي ڇوڪري، 2 ڇوڪريون ۽ هڪ 11 ورهين جو ڇوڪرو شامل آهي، فوت ٿيندڙ ٻنهي ڇوڪرين جي عمر 9 سال ۽ 7 سال هئي.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي رات دير سان ٻارڙن جي ڳولا جاري آهي.بزنس ڪلاس جي بوگي کي باهه لڳي وئي، ماڻهن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هلندڙ ٽرين مان ٽپو ڏئي ڇڏيو، فوتين ۾ هڪ عورت به شامل آهي، فوت ٿيل عورت ۽ 4 ٻارن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.ڊي ايس ريلوي محمود الرحمان لاکو جو چوڻ آهي ته ٽريڪ تان سڙيل بوگي هٽائي اپ ٽريڪ کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، اپ ٽريڪ بحال ٿيڻ بعد ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٻين ٽرينن کي روانو ڪيو ويو آهي.محمود الرحمان لاکو چيو ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي نمبر 4 ۾ باهه لڳي وئي.سڙيل بوگي جو جائزو وٺڻ لاءِ فارنزڪ ۽ ميڊيڪل ٽيمون طلب ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو