ڪراچي، گلشن معمار ۾ پوليس مقابلو، 3 ڌاڙيل مارجي ويا

ڪراچي، گلشن معمار ۾ پوليس مقابلو، 3 ڌاڙيل مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار، عمر بروهي ڳوٺ ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 3 ڌاڙيل (ڊاڪو) مارجي ويا آهن. مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار به زخمي ٿيو آهي، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب، جوابدار هڪ گهر ۾ لڪيل هئا، اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ٽنهي زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو پر هو رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ويا (هلاڪ ٿي ويا)؛ اهي ڌاڙيل ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هئا. پوليس ٻڌايو ته هلاک ڌاڙيلن جي سڃاڻپ سريش، رامچند ۽ انيل جي نالن سان ٿي آهي، ۽ جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب شهر جي ٻين علائقن مان پڻ 5 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو