ڪراچي (رپورٽر) ميٽرڪ بورڊ ڪراچي، سائنس، جنرل گروپ ۽ اسپيشل شاگردن جا امتحاني نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن رڳو سائنس گروپ جي پهرين پوزيشن مرد شاگردن ۽ٻيون سموريون پوزيشن شاگردياڻين حاصل ڪيون چيئرمين بورڊ پروفيسر شرف علي شاهه پاران سائنس گروپ جي اعلان ڪيل نتيجن مطابق اسلامي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي شاگرد عبدالرحمان ولد عبدالحفيظ ڪل 1100 مان 1073 نمبر کڻي 97.54 سيڪڙو مارڪون کڻي پهرين پوزيشن کنئي، البدر سيڪنڊري اسڪول گلشن اقبال جي رابعه ڌي عمران چابره 1069 مارڪون کڻي 97.18 سيڪڙو مارڪنس ان ٻي جڏهن ته سينٽ جوزف ڪونوينٽ هاءِ اسڪول جي عليزه صمداني ڌيءِ عمران صمداني ۽ فيڊرل سيڪنڊري اسڪول بلاڪ 21 ايف بي ايريا جي رامين زبيده ڌيءَ جمال احمد گڏيل طور تي 1067 مارڪون ۽ 97 سيڪڙو نمبر سان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي اهڙي طرح جنرل گروپ ريگيولر/پرائيويٽ جي امتحان ۾ باغ سالار گرلز سيڪنڊري اسڪول نشتر روڊ جي مدهت ڌيءَ محمد اسلم ڪل 1100 مان 1012 مارڪون ۽ 92 سيڪڙو نمبر سان پهرين، ٽيورگائيڊ گرامر سيڪنڊري اسڪول کڏه لياري جي حافظه منهال اعجاز ڌيءَ اعجاز 1008 مارڪون ۽ 91.63 سيڪڙو نمبر سان ٻي ۽ سٽيزن سيڪندري گرلز اسڪول باٿ آئلينڊ جي هيباضياء ڌيءَ محمد ضياءالرحمان 1004 مارڪون ۽ 91.27 نمبر کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي خصوصي شاگردن جي امتحان ۾ ابسا اسڪول فار ڊيف ڪورنگي روڊ ڊي ايڇ اي جي ڪمال ڪمار ولد اشوڪ ڪمار 999 نمبر ۽ 90.8 سيڪڙو سان پهرين، ساڳئي اسڪول جي مريم عزيز ڌيءَ عزيز احمد 979 مارڪون ۽ 89 سيڪڙو نمبر سان ٻي جڏهن ته ساڳئي اسڪول جي فرح ڌيءَ اسرار احمد 977 مارڪون ۽ 88.8 نمبر سان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ناظم امتحانات عمران طارق پاران جاري ڪيل نتيجن مطابق سائنس گروپ ۾ اي ون گريڊ ۾ 52127 اميدوار، اي ۾ 34639 اميدوار، بي گريڊ ۾ 22548 اميدوار، سي ۾ 10155 ۽ ڊي ۾ 1851 اميدوار ڪامياب ٿيا سائنس گروپ ۾ ڪل رجسٽرڊ 152175 هئا جن ۾ 81610 بوائز ۽ 70565 گرلز شامل هيون انهن مان ڪل 131436 اميدوار ڪامياب ٿيا جن ۾ 62924 بوائز ۽ 58407 گرلز هيون سائنس گروپ جي نتيجن جو ريشو 80.48 سيڪڙو رهيو اهڙي طرح جنرل گروپ ۾ 291 شاگرد اي ون گريڊ، 1671 اي گريڊ، 3387 بي گريڊ، 3918 سي گريڊ۽ 1949 ڊي گريڊ ۾ ڪامياب ٿيا نتيجن جو تناسب 69.69 سيڪڙو رهيو هن امتحان ۾ 16880 اميدوار رجسٽرڊ ۽ 16454 شريڪ ٿيا هئا جن ۾ 6675 بوائز ۽ 9779 گرلز هيون ۽ ڪل 11466 اميدوار پاس ٿيا ان کان سواءِ اسپيشل شاگردن جي امتحان ۾ ڪل 97 شاگرد ويٺا ۽ 96 پاس ٿيا نتيجن جو تناسب 98.96 سيڪڙو رهيو.










