ڪتو  مارڻ تي پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ڪتو مارڻ تي پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪتي مارڻ تي پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب جوابدار خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 429 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.فيروز آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرقي جي عدالت ۾ ڪتي جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ايف آءِ آر جي ڪاپي جمع ڪرائي ڇڏي.پوليس موجب ايف آءِ آر ۾ پوليس اهلڪارن علي، حسن، مصطفيٰ، وحيد، علي کي نامزد ڪيو ويو آهي.مدعي رياض حسين جو چوڻ آهي ته ڪتي جي معاملي تي علي حسن ۽ مصطفيٰ سان منهنجي تلخ کلامي ٿي، جوابدار مون کي ڌمڪيون ڏنيون ته تنهنجو ڪتو ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي.رياض حسين جو چوڻ آهي ته 10 فيبروري تي جوابدار منهنجو ڪتو چوري ڪيو ۽ 12 فيبروري تي هيل پارڪ جي ڪچري مان لاش مليو.رياض حسين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪتي کي بيدردي سان ماري ڇڏيو، سندس سينو ساڙيو ويو.ان حوالي سان مدعي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو