ڪاڇي ۾ پکڙيل خوفناڪ بيماريون

ڪاڇي ۾ پکڙيل خوفناڪ بيماريون

محمد اسماعيل لانگاھ
صحت اهڙي نعمت آھي جيڪا مرد هجي يا عورت ٻار هجي يا وڏو جيڪڏهن انجو هروقت ساٿي رهي ته هو زندگي جي سڀني ڏکيائين ۽ تڪليفن سان مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿو جڏهن ته تندرستي کي هزار نعمتن برابر سمجهيو ويندو آھي ليڪن سنڌ حڪومت ۾ صحت کاتو ۽ انجي انتظاميه ايتري ته غير ذميوار بڻجي وئي آھي جو هو انساني زندگين لاء خطرو بڻيل وبائي بيمارين تي به ڪڏهن انهن کي احساس ناهي ٿيو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪاڇي جا علائقا وبائي وائرسي بيمارين جي لپيٽ ۾ رهيا آھن جنهن بيمارين ڪيترن ئي انساني زندگين کي پنهنجو کاڄ بڻايو جنهن ۾ اڪثريت معصوم ٻارن جي ٻڌائي پئي وئي ايتري خوفناڪ صورتحال جي باوجود مجال آ جو سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي پنهنجون ذميواريون سٺي ۽ بهتر نموني ادا ڪيون هجن
ڪاڇو جيڪو غربت جي لڪير ۾ زندگي بسر ڪندڙ مسڪينن مزدورن ۽ پورهيتن جو پسمانده علائقو سڏيو وڃي ٿو جتي سهولتن جا نالا ٻڌا وڃن جتي بيماريون مستقل طور ماڻھن جو ساٿي بڻيل آھن جتي ڪورونا لشمينيا مليريا جهڙن موذي مرضن کي منهن ڏيندڙ هتان جي ماڻھن جي نالي تي سرڪار هجي يا اين جي اوز صحت جي نالي تي سالياني ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪنٿا ۽ جنهن سبب ڪاڇي ۾ هروقت حقيقي صحت جو فقدان رهيو آھي ڪاڇي جون اسپتالون تباه هجڻ ڪري هتان جي رهواسين غربت جي ڪري وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب بيمارين سان جهيڙيندي پنهنجون قيمتي جانيون وڃايون آھن پر افسوس جو خوفناڪ بيمارين تي ضابطي لاء صحت کاتي ڪو وقتائتو قدم ڪڏهن ناهي کنيو
جوهي تعلقي سان لاڳاپيل ڪاڇي ۾ تازو ٿوري عرصي اندر لشمينيا نموني هڪ اهڙي وبائي وائرس نموني بيماري پکڙجي چڪي آھي جنهن جي صحت کاتي هن وقت تائين ڪابه تصديق ۽ تشخيص ناهي ڪئي هن بيماري جو اثر وڏي انگ ۾ معصوم ٻارن ۾ ڦھليل ٻڌايو پيو وڃي انسانن جي سموري جسم ۾ هڪ اهڙي تيز خارش نموني هي بيماري پکڙجي چڪي جيڪا هڪ انسان کان ٻئي انسان تائين تيزي سان ڦھلجي رهي آھن پيرن کان ويندي سموري جسم ۽ خاص طرح هٿن ۾ هن بيماري جو اثر وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي رهيو علائقي واسين بقول هن بيماري جا ڪيس سال اڳ اڪثر گادي واري شهر ڪراچي ۾ ظاهر ٿياجتان ڪاڇي جا رهواسي خوف مان لڏي آيا جيڪي ان بيماري جي اثر ۾ ورتل هئا پر صحت کاتي جو ڪوبه توجھ نه هجڻ ڪري هي بيماري لشمينيا طرز تي تيزي سان پکڙجي رهي آھي ماڻھن جي سڄي جسم ۾ مٺي خارش ٿيڻ کان پوء جڏهن جسم کي کنهڻ رهڙڻ شروع ڪيو وڃي ٿو ته جسم ۾ داغ نڪرڻ بعد رت جون لڦون ٿيندي ئي سڄو جسم وٺجي رهيو آهي هٿن سميت جنڳهن پيٽ ۾ سنها سنها سوراخ ٿي رهيا آھن جنهن مان رت پڻ نڪري رهيو آھي بيماري ۾ مبتلا مريضن جو انگ ٻه سئو کان پنج سئو تائين ٻڌايو پيو وڃي بيماري ۾ ورتل مريضن جي بقول بيماري جا ڪيس روز بروز وڌي رهيا آهن جنهن ۾ معصوم ٻارن جي انگ ۾ اضافي جو امڪان آھي ليڪن صحت کاتي انتظاميه کي ڪا به پرواه ناهي
سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي لاپرواهين جو نتيجو هميشه غريب مسڪين عوام ڀوڳيو آھي هن وقت ڪاڇي ۾ لشمينيا نما پکڙيل بيماري جيڪا تيزي سان ڦھلجي وئي آھي ليڪن صحت کاتي کي ڪابه سڌ ناهي ته هي بيماري ڪٿان ۽ ڪيئن پکڙي آھي متاثرن جي مطابق هي بيماري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پکڙيل آھي جنهن جا ڪيس تيزي سان ڪاڇي ۾ نمودار ٿيا آھن سنڌ سرڪار دادو صحت کاتي کي فوري طور پکڙيل هن بيماري جي شناخت لاء ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائي ماڻھن کي مفت دوائون فراهم ڪري ۽ ٽيسٽون پڻ ڪري ورنه هي بيماري معصوم ٻارن جون زندگيون کسي سگهي ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو