ڪاڇي واسين  جي زمين تي بااثر جو قبضو،مدد جي اپيل

ڪاڇي واسين جي زمين تي بااثر جو قبضو،مدد جي اپيل

جوهي (ن سنڌيار)ڪاڇي جي ديھ توڪ قاسم ۾ زمين تي مبينا قبضو ڪرڻ تي بااثر وڏيري خلاف ڳوٺاڻن جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو, خبر موجب ڳوٺ ڪيهر خان جمالي واسين ڳوٺاڻن علي شير جمالي,غلام حسين جمالي,گل حسن جمالي, صالم جمالي, جاويد جمالي, ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ان موقعي تي علي شير جمالي صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته ڪاڇي جي شھر واهي پانڌي ۾ ديھ توڪ قاسم نئين ڪڪڙاني ۾ منهنجي ڏاڏڪي ذاتي زمين تي برادري جا بااثر وڏيرا زبردستي قبضو ڪري اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هن چيو ته ڪاڇي ۾ برساتن کانپوء اسان زمين تي ھر ڪاهڻ وياسين ته بااثرن هٿيارن جي زور تي گاڏي بيهاري هر ڪاهڻ نه ڏنو ويو هن چيو سول جج جوهي جي عدالت ۾ هنن مونکي لکي ڏنو ته هاڻ اسان ڪابه هٿ چراند نه ڪنداسين تنهن باوجود بااثرن عدالتي حڪمن کي تڏي ڇڏيو هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, ڊي آء جي حيدرآباد, ايس ايس ايس پي دادو سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته منهنجي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر وڏيرن خلاف ڪاروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪري مونکي انصاف فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو