خيرپورناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر) کيرٿر جي دامن ڪاڇي جي مشهور اُولياءَ جنن جي بادشاهه گاجن عرف گج بخش جو ميلو 25ٖ،26 ۽ 27 نومبر کان شروع ٿي رهيو آهي. ميلي ۾ سنڌ بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند، زائرين اڳواٽ پهچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي جنن جي بادشاه پير گاجي جي درگاه تي وڏي انگ ۾ کٿي وارن فقيرن ساز سامان سان خيما کوڙي ورتا آهن ۽ پير گاجي شاه جي پڙ ۾ فقيرن جن ڪڍڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. سروزن تي عورتن، مردن، ٻارڙن پاران کٿي وارن فقيرن جي سرندي تي ڪنڌ ڌوڻڻ وارو عمل جاري آهي ۽ هر پاسي الله توهار جو صدائون بلند آهن. انتظاميه پاران ميلي ۾ ايندڙ عقيدتمندن ۽ زائرين لاءِ رهائش، کاڌ خوراڪ، سميت پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ڪي به جوڳا بندوبست ناهن ڪيا ويا جنهن ڪري زائرين سخت مُشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.










