ڪاڇي جي اسپتالن ۾ مال ٻڌل،عملو نجي پريڪٽس تي،عوام پريشان

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ)ڪاڇي جون اسپتالون قوس گهر بڻيل ڪروڙين روپين جون دوائون اسپتالن پهچڻ کان اڳ ۾ ئي گُم ڪيون وڃن ٿيون. ڊرگھ بالا  حاجي خان,قصبو,پٽ گُل محمد, هيروخان, سميت علائقي جي مختلف شهرن ۾ قائم بي ايڇ يو ۽ آر ايڇ سيز,صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ ڊاڪٽرن لاء سوني جهرڪي بڻيل آهن. عملدارن ڪاڇي جي اسپتالن کي ملڪيتون ٺاهڻ ۽ ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي, ڪروڙن جون بلڊنگون ويران ۽ برباد ٿي ويون,سرڪاري عملو پرائيويٽ جڳهن ۾ شفٽ ٿيل,اسپتالن ۾ نه بيڊ ,نه پاڻي,نه واش روم مريضن کي پٽ تي سمهاري علاج ڪيو وڃي ٿو,ڪرپشن جي شڪايتن تي سول مئجسٽريٽن سميت,سيڪريٽريز,اي ڊي اوز,ڊي ايڇ اوز ۽ ٻيا ڪيترائي اعلي آفسير وزٽ ڪري ويا پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو چوپايو مال ٻڌو وڃي ٿو,مالڪي نه ٿيڻ ڪري لکين رپين جا در ,دريون بجلي جا پول,ڇتين جو لوھ  ڪڍي وڪيو ويو پر جانچ نه ڪئي وئي ,عوام جي نالي تي ايندڙ ڪروڙين رپين جون دوائون اسپتالن ۾ مقرر انتظاميه ۽ ڊاڪٽرن جي کوليل پرائيويٽ ڪلينڪن ۽ اسٽورن تان مريضن کي مهانگي اگهن تي دستياب ڪيون پيون وڃن. هيلٿ سينٽرن کي ڊاڪٽر گهرن جيان مرضي تي کولين ۽ بند ڪري هليا وڃن ٿا,ايمرجنسي دوران علائقي جي ڪنهن به هيلٿ سينٽر ۾ نه مرد نه عورت ڊاڪٽر مقرر ٿيل,ڊيوٽي ٽائم جي ڪابه پابندي ناهي. سمورن هيلٿ سينٽرز عملدارن ۽ ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ۽ لکين رپين جا ميڊيڪل اسٽور کليل آھن.

سهولتن کان وانجهيل صحت مرڪز ، ناڪارا بڻيل ايمبولينس

ٻه ڏھاڪا گذري وڃڻ باوجود ساڳيا عملدار اسپتالن ۾ مقرر آئوٽ ضلعن جا عملدار سهولتن جو جواز ڏئي مورڳو مقرر ئي نٿا ڪيا وڃن,عورتن,ٻارڙن,۽ مردن جي بيمارين جي چڪاس لاء صرف هڪ ڊاڪٽر ڊيوٽي تي مقرر، مريضن جو علاج وئڪسينيٽر ۽ ڪمپائونڊر ڪن ٿا. پوليو ڊيوٽين دوران اسپتالون بند ڪيون وڃن ٿيون جنهن سبب مريضن ويتر مشڪلاتن کي منهن ڏيندا رهن ٿا. علائقي جي رهواسين سياسي,سماجي آڳواڻن  کچي,فقير علڻ کوکر,ايم اعظم لنڊ,عبدالرحيم لنڊ,عبدالطيف لانگاھ,شبير چانڊيو,روشن لانگاھ, زاهد لنڊ,,وزير لنڊ,۽ ٻين چيو ته دادو ضلعي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪروڙين رپين جو دوائون گم ڪري ۽ واويلا مچائي وڃي ٿي ته گورنمينٽ دوائون فراهم نه پئي ڪري. هنن وزير اعلي سنڌ,اينٽي ڪرپشن,نيب,سيشن جج دادو ۽ ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته اسپتالن ۾ سهولتون ڏئي پريشانيون ختم ڪيون وڃن ۽ جاچ ڪري ذميوار لاپرواهه ۽ ڪرپٽ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو