ڪاڇو، جتي ٻوڏ سبب زندگي ئي  مفلوج بڻجي وئي !

ڪاڇو، جتي ٻوڏ سبب زندگي ئي مفلوج بڻجي وئي !

ليکڪ محمد اسماعيل لانگاھ
ڪاڇو سنڌ جو تمام وسيع ميداني برپٽ ۽ جبلن تي مشتمل علائقو آهي جيڪو برساتن بعد ڪارونجهر ڪشمير ۽ ڪاغان جهڙن خوبصورت ماڳن جي منظرن جو ڏيک ڏيندو آهي, هن علائقي لاء برساتون ايئن سمجهي وينديون آهن جيئن دم جي مريض لاء آڪسيجن جو هجڻ ضرور هوندو آهي, هن علائقي جي زندگي جو گذر سفر خاص طرح برساتن تي هجي ٿو ۽ ڪاڇي جي زندگي جو هي سفر صرف برساتن تي هجي ٿو برسات پوڻ ۽ ڏڪار جي حالتن ۾ به هتي زندگي جو سفر گذارڻ ڏُکيو ٿي وڃي اهو انڪري ته باران رحمت ڪاڇي لاء ٻنهي پاسن کان ڪارگر ان ڪري هجي ٿي ته هتي زندگي جو گذران برسات ۽ چوپائي مال تي هجي ٿو, ۽ معمول کان وڌيڪ برساتن جي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ۽ زندگي رڪجي وڃڻ جا سبب هي آهن ته جيترو ڪاڇي لاء برسات ضروري آهي اوترو ئي هن علائقي لاء روڊ رستن جو هجڻ لازمي آهي برسات قدرت طرفان ملي ٿي روڊ رستا حڪمرانن طرفان جيئن هن وقت برسات ته حد کان وڌيڪ ملي وئي آهي پر روڊن جو نظام نه هئڻ ڪري ڪاڇي واسي رب جي رحمت مان خفا ان ڪري ٿي رهيا آهن ته ڪاش جيڪڏھن ڪاڇي ۾ روڊ رستن جون تڪليفون نه هجن ها ته هن رب جي رحمت کان ڪير انڪار ڪري هاچوندا آهن ٻُڏي جا ٻيڻا ٿين ٿا بلڪل ان چوڻي مطابق ڪاڇي ۾ جڏھن به مندائتن مينهن ۾ سُڪل ٺوٺ زمينن جا سينا ۽ پيٽ سيراب ٿين ٿا ته اهي زمينون ڪاڇي واسين جا سمورا ٿڪ ۽ سور لاهي ڇڏين ٿيون, اهي برپٽ بيابان جڏھن ڪاهجي کيتي باڙي يعني فصلن سان ساوڪ جي چادر اوڍين ٿا ته ڪاڇي جون اهي زمينون ڄڻ سياحتي ماڳ بڻجي وينديون آهن سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ماڻھون ڪاڇو گهمڻ اچن ٿا پرانهن سڀني خوشين کان پهرين برساتن کان اڳ تڪليفن کي ڏسجي ته جڏھن به هتي ڪاڇي ۾ زوردار مندائتا مينهن وٺا آهن ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف رستا بند ٿيڻ تي پهچي ٿي ۽ ان کانپوء کاڌ خوراڪ جي شين جي جيڪا شديد کوٽ پيدا ٿئي ٿي, اسپتالون بند ٿين ٿيون, بيمارين ۾ ماڻھون مبتلا ٿي وڃن ٿا, جڏھن غريبن جا ڪکاوان گهر ٻوڏن جي نذر ٿين ٿا ۽ غريب پيٽ کي پٿر ٻڌي ويلا ڪاٽڻ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين ٿا, انهن تڪليف ڏيندڙ لمحن ۾ قصور وار برسات نه پر اسان جي ناقص حڪمراني هجي ٿي جيڪا ان مصيبت جي گهڙين ۾ نه پهرين نه وري پوء ڪاڇي جي ڪابه مالڪي نٿي ڪري هي چوٿون سال آهي جو دادو ضلعي سان لاڳاپيل ڪاڇي جو علائقو ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيو آهي جتي زندگي ڊانون ڊول ٿيندي نظر آئي آهي جنهن سان علائقي جي لکين زندگين کي ٻوڏ اڳتي وڌڻ يعني ترقي کي روڪي ڇڏيو لکين انسانن جي زندگي سورن ۾ بسر ٿي رهي آهي ماڻھون موت جي منهن مان گذري رهيا آهن هروقت سندن ٻوڏ موت جا لامارا ڏئي رهي آهي, بک بيمارين پريشانين ۾ ماڻھن کان سڪون واري ننڊ کسجي وئي آهي ته آخر ڪاڇو تڪليفن مان ڪڏھن جند آجي ڪندو دنيا ترقي جون سڀ منزلون ته ڪراس پئي ڪري پر ڪاڇي کي ترقي بجاء تباهي طرف ڌڪڻ جي سازش ڪڏھن ختم ٿيندي هي تباهي قدرتي نه پر هٿرادو آندي ويندي رهي آهي جنهن ۾ وڏو هٿ هتان جي حڪمرانن جو آهي جنهن برساتن کي ڪاڇي واسي دل وجان سان پنهنجي پالڻهار کان گُهرن ٿا ان رب جي رحمت مان ڇو بيزار ٿي رهيا آهن برساتن مان عوامي بيزاري جا ڪارڻ آهن حڪمرانن جا ڪارا ڪرتوت جيڪي ڪاڇي جا لکين انسان هن وقت ڀوڳي رهيا آهن سوال پڇجي ٿو هن ملڪ جي واڳ ڌڻين سنڌ ڌرتي جي ڌڻين کي جيڪي دعوائون ڪن ٿا ته جيڪڏھن اوهان کي ترقي خاص طور معياري روڊ ڏسڻا آهن ته ڪاڇو ڏسو انهن ڪوڙين حڪمراني دعوائن تان تازي ٻوڏ پردو کڻي ڇڏيو ۽ سندن پول پڌرا ٿي چُڪا آهن ته جيڪڏھن ترقي ٿوري به هجي ها ته شايد ڪاڇي جا لکين ماڻهون ٻوڏ سبب محصور نه ٿين ها ڪٿان نه ڪٿان ڪو لنگھ رستو رهجي وڃي ها جتان هو پيٽ جي گره لاء ڪو ڪلو اٽي جو وٺي اچي ٻچن کي کارائين ۽ ھيئنررستن جي تباهي سبب حڪمراني تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ته عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاء اڃا ڪيترا ڪوڙا هربا هلايا ويندا هن وقت ماڻھن جي مالي طرح بلڪل پوئتي پئجي وڃڻ جو امڪان آهي ٻوڏ سبب لکين ايڪڙ زرعي زمينن ۾ فصلن جي پوکائي رڪجي وئي آهي انهن مندائتن فصلن جي پوکائي سان ڪاڇو زراعت جو مرڪز بڻيل هجي ٿو جوئر, گوار, سرنهن ڄانڀو, مٽر, تر, مُڱ, بصر ,مرچ, جهڙن پيدارواري فصلن جي پوکائي سخت متاثر ٿيڻ ڪري هڪ نه پر هزارين خاندانن جون معاشي حالتون بگڙجي وڃڻ جو خدشو آهي تازين برساتن ۽ ٻوڏ مان صرف نقصان اهو ٿي سگهي ٿو ڪاڇي جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو هي موسم ڪتي جي فصلن جي پوکائي جي موزون مند هئي برسات ۽ ٻوڏ کان زمينون کيڙي نه سگهبيون هتي هروقت ايئن ٿيندو آهي ته مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻھن جي مالڪي لاء ڪي به انتظام نٿا ڪيا وڃن جڏھن ٻوڏ ختم ٿئي ٿي ته ماڻھون جي ڪيا به ويا آهن ته ٺٺول برابر آهن.
تازين برساتن ۽ ان کانپوء آيل ٻوڏ سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي ٻوڏ اچڻ جو اهم ڪارڻ گاج ڊائيوريشن بند جو ٽُٽل هجڻ آهي جيڪو سوال ئي پيدا ناهي ته وفاقي حڪومت توڙي سنڌ سرڪار هن موتمار رٿا کي مڪمل ڪرائين جيستائين گاج بند مڪمل نه ٿو ٿئي ايستائين ڪاڇي جي ڪنهن به روڊ رستي جو ڪم نه ٿيندو,ان کان پهرين جيستائين ملڪ ۽ ادارن ۾ ڪرپشن جو خاتمو نٿو ٿئي ڪاڇي ترقي ۽ خوشحالي ناممڪن هوندي ملڪ جي اعلي واڳ ڌڻين کي ڪاڇي تي آيل هن ڏُکي ۽ مشڪل گهڙي ۾ مسڪين ماروئڙن جي مدد لاء اڳتي اچن ڪاڇي جو سڄو انفرااسٽرڪچر تباه ٿي ويو آهي جنهن تباهي ۾ وڏو ڪردار ڪرپشن ۽ ناقص حڪمراني جو آهي ڪاڇي جي لکين ماروئڙن جي جانين توڙي مال ملڪيتن جي بهتري لاء گڊ گورننس جو نظام لاڳو ڪري ڪاڇي کي آئينده اهڙن آفتن کان محفوظ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو