ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ رينجرز جي ترجمان ڪاٺوڙ واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۽ تبصرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته مخصوص گروهه جا ماڻهو قومي ادارن کي بدنام جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. 2 ڏينهن اڳ ڪاٺوڙ ڀرسان موٽروي تي ڊرائيورز جي احتجاج دوران ايف ڊبليو او جي عملي ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڊرائيورز مارجي ويا هئا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا هئا. واقعي کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي ۽ ڊرائيورز جي ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جنهن کي ايم نائن به چيو ٿو وڃي، بند هو. رينجرز ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪاٺوڙ واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلايل خبرون تڪراري ۽ حقيقتن جي برعڪس آهن. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي خبرون هلن پيون ته ڊرائيور رينجرز جي فائرنگ سبب قتل ٿيا هئا. ڪيس ايف ڊبليو تي داخل ٿيو آهي.










