ڪاوڙ جي نالي تي دهشتگردي قبول ناهي: اسحاق ڊار

ڪاوڙ جي نالي تي دهشتگردي قبول ناهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته توهان ملڪ سان ناراض نٿا ٿي سگهو، توهان کي پنهنجا مطالبا حڪومت آڏو پيش ڪرڻ گهرجن پر ڪاوڙ جي نالي تي تشدد قبول ناهي.اسلام آباد ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪنهن به خوشحال قوم جو بنياد تعليم جو نظام هوندو آهي.هن چيو ته نوجوان ملڪ جي ترقي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪن، اتحاد ۽ رواداري کي فروغ ڏين، انتهاپسندي ۽ نفرت کي رد ڪري ملڪ جون پاڙون مضبوط ڪن.نائب وزيراعظم چيو ته توهان ملڪ سان ناراض نٿا ٿي سگهو، توهان جا مطالبا ٿي سگهن ٿا، اهو توهان جو حق آهي، توهان پنهنجا مطالبا حڪومت آڏو پيش ڪريو پر ڪاوڙ جي نالي تي تشدد ۽ دهشتگردي قبول ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو