ڪراچي/ حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاران حيدرآباد ۾ زرعي ڪانفرنس، پاڻي چوري قومي ڏوهه قرار، مڊل مين ۽ امپورٽ مافيا کي ختم ڪرڻ جي گهر. جماعت اسلامي سنڌ پاران مقامي ھوٽل ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ زراعت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.ڪانفرنس ۾ زرعي ماهرن، آبادگارن ۽ هارين زراعت جي ترقي کي قومي سلامتي ۽ ٻڌي لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته پاڻي چوري کي قومي ڏوهه قرار ڏنو وڃي. زراعت جي قومي ۽ صوبائي پاليسين ۾ هارين ۽ آبادگارن کي نمائندگي ڏني وڃي. زراعت ڪانفرنس کي جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ صدارتي خطاب ڪندي چيو آهي ته زراعت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگي جي هڏي جي حثيت رکي ٿي ملڪي معيشت پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ زراعت کي هٿي نه وٺرائي وئي ته ملڪ لاءِ ايندڙ 15 سال انتهائي ڏکيا ثابت ٿيندا ۽ پاڪستان جو ايٽمي پروگرام به خطري ۾ پئجي سگهي ٿو، ان لاءِ زراعت جو تحفظ به قومي سلامتي لاءِ انتهائي ضروري آهي.هن چيو ته پيپلزپارٽي ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ ۾ ناڪام وئي ۽ ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي.ھن چيو معاشي خوشحالي جو بنياد زراعت جي ترقي ۾ آهي، سنڌ جي خوشحالي تڏهن ممڪن آهي جڏهن ان جا وسيلا اتان جي ماڻهن تي خرچ ڪيا ويندا.سنڌ جي گئس، پيٽرول ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي. ذاتي مفادن خاطر زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهچايوويو. جماعت اسلامي جي چونڊ منشور ۾ زراعت کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. لياقت بلوچ زرعي اسٽيڪ هولڊرز پاران جماعت اسلامي تي ڏنل اعتماد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته جماعت اسلامي هارين جا حقيقي مسئلا هر فورم تي اٿاريندي. آءِ ايم ايف ۽ سودي نظام مان صرف جماعت اسلامي ئي نجات حاصل ڪري سگهي ٿي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته زراعت انساني زندگيءَ سان ڳنڍيل آهي، حڪومتي لاپرواهي سبب کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. 32 بلين ڊالرن جو فوڊ پراڊڪٽ امپورٽ جو بار برداشت ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هر شيءِ هتي پيدا ٿي سگهي ٿي. مهانگائي عوام ۽ هارين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا به شيءِ ناهي. اضافي ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ هاڻي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي رهيو آهي. ڪانفرنس کي سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز، نديم شاهه ڄاموٽ، سنڌ آبادگار فورم جي صدر افضل آرائين، نالي واري زميندار نواب زبير ٽالپر، سيد دائود شاهه گيلاني، پرويز آرائين، حافظ لطف الله ڀٽو، يارمحمد لغاري۽ ٻحافظ طاهر مجيد، تاج بليدي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي زرعي سڌارن جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن جا بنيادي مطالبا شامل آهن ته صحت مند خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ٻين عنصرن جهڙوڪ زرعي تحقيقي ادارن کي مضبوط ڪرڻ، هارين کي سبسڊي، هارين کي مشينري جي فراهمي، مناسب معاوضو، ڪيلي جي پوک کي نقصان کان بچائڻ، پاڻي جي ورڇ بابت ڪميٽي جوڙڻ تي زور ڏنو ويو.#










