ڪامياب جوان پروگرام هيٺ ميرٽ تي قرض ڏيو، وزيراعظم

ڪامياب جوان پروگرام هيٺ ميرٽ تي قرض ڏيو، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. اهڙو اظهار هن ڪامياب جوان پروگرام بابت مختلف بينڪن جي صدرن ۽ اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪامياب جوان انٽرپرينيرشپ اسڪيم هيٺ آسان قرضن جي فراهمي بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ملاقات ۾ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، واپار بابت صلاحڪار  رزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، عثمان ڊار ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ به شرڪت ڪئي هئي. وزيراعظم عمران خان بينڪن طرفان ڪامياب نوجوان اسڪيم ۾ شموليت ۽ دلچسپي جي تعريف ڪندي چيو ته نوجوانن کي ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان بينڪن جو تعاون تعريف جوڳو قدم آهي. هن چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. حڪومت طرفان بينڪن کي سبسڊي جي فوري طور تي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي. وزيراعظم چيو ته بينڪن کي پيش ايندڙ هر مشڪل جو ترجيحي بنيادن تي حل يقيني بنايو ويندو. تعميراتي شعبن جي معاونت به حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ان کان اڳ عثمان ڊار آسان قرضن جي فراهمي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت نه صرف نوجوانن کي ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پر حڪومت 3 سالن جي لاءِ هڪ سئو ارب روپيه به مقرر ڪيا آهن ۽ هينئر تائين 4 لک 70 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملندڙ درخواستن جي فوري طور تي جانچ پڙٽال ڪري قرضن جاري ڪيا وڃن ٿا.  جڏهن ته اسڪيم جي تحت پڙهيل لکيل نوجوان سڌو سنئون بينڪن کي درخواستون به ڏئي سگهن ٿا هن چيو ته ميرٽ کي نظر ۾ رکندي صاف شفاف طريقي سان قرض فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ سڄي ملڪ  جون 21 بينڪون هن اسڪيم ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو