جان محمد سوسائٽي(غلام رسول مھر )ڳوٺ عارب مهر جي رهواسين پاران صالح مهر کان ڳوٺ عارب مهر روڊ جو ٽينڊر ٿيڻ باوجود ڪم نه ٿيڻ سبب احتجاج، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سال اڳ روڊ جو ٽينڊر جاري ٿيو پر هن وقت تائين روڊ تي هڪ ٽڪي جو ڪم ناهي ٿيو ۽ روڊ مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي روڊ کنڊر هجڻ سبب علائقي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيان آهن، روڊ تي موجود پليون پڻ ٽٽل هجڻ ڪري ڪنهن به وقت جاني يا مالي نقصان ٿي سگهي ٿو، ڳوٺاڻن پاران اعلي اختيارن کان گهر ڪئي ته صالح مهر کان عارب مهر جي روڊ جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي روڊ جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان مجبور ٿي روڊس کاتي جي اعلي عملدارن خلاف ڪورٽ وينداسين. هنن چيوته اينٽي ڪرپشن کاتو جاچ ڪري ته ڪاغذن ۾ روڊ ٺهيل ڏيکاري پئسا ڪنهن هضم ڪيا.










