ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ حادثو، 2 ڄڻا زخمي

ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ حادثو، 2 ڄڻا زخمي

قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي) قبوسعيد خان روڊ تي شاهه وسايو ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار پيءُ ممتاز کوکر ۽ پٽ صدام کوکر سخت زخمي ٿي پيا جن کي  شهدادڪوٽ اسپتال آندوويو جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري لاڙڪاڻه اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن اسپتال ۾ موجود زخمي ممتاز کوکر ٻڌايو ته هو بلوچستان جي علائقي گنداواه کان واپس پنهنجي ڳوٺ ميروخان  وڃي رهيا هئا ته مذڪوره هنڌ وٽ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيا آهن هوڏانهن ڪار ڊرائيو واقعي بعد ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو