اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ پاران پنجاب ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو رد ڪرڻ ۽ 14 مئي تي پولنگ جي حڪم تي غور لاءِ وزيراعظم ڪابينا جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو آهي. اهم حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويندو. اجلاس منجهند هڪ وڳي گهرايو ويو هو جيڪو هاڻي اڍائي وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ بلاول ڀٽو موجود ناهي ڇو ته هو 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44هين ورسي جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي.










