دادو(ن سنڌيار) سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ نغاول مان هڪ هفتو اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد عرفان نوحاڻي ۽ وزير نوحاڻي جي آزادي لاء نوحاڻي برادري سميت سياسي، سماجي اڳواڻي پاران دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاھرين عبدالحميد پنھور، ثناءَ الله پنھور، بشير نوحاني، منير پنھور، وسيم نوحاڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 8 ڏينهن اڳ نئينگ پوليس ۽ رياستي ادارن جي اهلڪارن پاران رات جي اونداهي ۾ گهرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ ڪري ٻن شاگردن عرفان ۽ وزير نوحاڻي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته نوجوانن جو ڪنهن به سياسي توڙي قومپرست پارٽي سان واسطو ناهي، مسلسل احتجاجن باوجود ايس ايس پي ڄامشورو پاران نوجوانن جي بازيابي لاء نوٽيس ناهي ورتو ويو، نوجوانن جا وارث سخت پريشاني جي ور چڙهيل آهن، کنڀي گم ڪيل نوجوان اگر ڏوهي آهن ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ بنا دير انهن کي آزاد ڪيو وڃي، مظاهرين آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بلا جواز کنڀي گم ڪيل نوجوانن جو نوٽيس وٺي کين آزاد ڪيو وڃي.










