ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) غلام شاهه ٿاڻي جي حد 32 لاڙي وٽ جوابدارن ڦر دوران مزاحمت تي ڏنڊا هڻي نوجوان وزير علي بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي وارثن طرفان جيڪب آباد، رتوديرو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو. مقتول جي وارثن بشير بروهي، نظير بروهي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان وزير بروهي ڳوٺ اچي رهيو هو ته ڏوهارين ڦر دوران مزاحمت تي ڏنڊا هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو.

اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندو. غلام شاھ پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن موجب واقعو ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.










