نوشھرو فيروز (ن س)مورو ويجھو دادو روڊ مياڻي لنڪ روڊ وٽ نامعلوم ڦورن ۽ پوليس ۾ مقابلو، پوليس پاران ٽي ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي جن گرفتار ڪيل ۾ سعيد احمد جلباڻي، غلام حسين ابڙو، نادر چانڊيو شامل آھن جن وٽان ٻہ موٽرسائيڪلون ۽ هٿيار پڻ برآمد ڪيا ويا آهن، زخمين کي مورو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد پوليس پھري ۾ نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو جو چوڻ آهي تہ ھي پوري گينگ جي صورت ۾ آھن ٽي ڦورو گرفتار ڪيا ويا آھن ھڪ ڪار گينگ ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي وئي آھي ھنن ڪجھ ڏينھن پھريان شھر مان واپاري ستار ڪورائي کان پڻ ڦر ڪئي ھئي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا مختلف ڪيسن ۾ مختلف ٿاڻن تي پوليس کي جوابدار گھربل پڻ آھن.










