سلطانپور (ن س )سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملا حسين چاچڙ روڊ تي نوجوان جنسار علي انڍڙ کان نامعلوم ڦورن پاران موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران علائقي واسين پاران ڏوھارين کي پڪڙڻ لاء رستا بند ڪري ناڪا بندي ڪئي وئي تـ ڏوھارين طرفان ڀاڳين مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو عبدالحميد پٽ عبدالمجيد مارجي ويو ۽ ٽي ڄڻا غلام سرور,محمد رمضان ۽ شھمير علي زخمي ٿي پيا زخمين ۽ فوتي جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو مقتول پورھيت جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن تـ زخمين جو علاج پڻ ھلندڙ آھي ـ










