پشاور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 4 فرنٽيئر ڪانسٽيبلري(ايف سي) اهلڪار شهيد جڏهن ته 27 ٻيا زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي لدها ۽ تيازا ڀرسان موجود چيڪ پوسٽ مامي خيل تي دهشتگردن طرفان آر پي جيز ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو ويو.سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي مقرر اهلڪارن وقت تي جوابي ڪارروائي ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا، حملي ۾ شهيد ۽ زخمي اهلڪارن کي وانا جي ڏکڻ وزيرستان اسڪائوٽس اسپتال منتقل ڪيو ويو.دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي اهلڪارن ۾ حوالدار نثار بداخيل، لانس نائيڪ رشيد منگل، لانس نائيڪ عرفان ۽ سپاهي عرفان گجر شامل آهن.حملي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. ان کان پهريان 12 آگسٽ تي ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي ٽوي خله جي علائقي زيرميلان ۾ به ايف سي جي چيڪ پوائنٽ کي حملي جو نشانو بنايو ويو هو.










