ڏکڻ لبنان )ويب ڊيسڪ) لبنان جي سرڪاري خبر ايجنسي موجب، ڏکڻ لبنان جي ڳوٺ انصار ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب، هي حملو لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ آمريڪي ثالثي سان ٿيل امن معاهدي کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان وارن حملن مان هڪ آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حملو حزب الله جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ ۽ پنهنجي فوجين خلاف سرگرمين جي جواب ۾ ڪيو ويو.










