ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان کي 17 رنز تان شڪست، سيريز برابر

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ ڊرامائي انداز ۾ 17 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. فخرالزمان جي 193 رنز جي اننگ ضايع ٿي وئي. ٽاس کٽي بابراعظم پروٽيز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ هنن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 50 اوورز ۾ 341 رنز ٺاهيون. پاڪستان 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن تي  324 رنز ٺاهيون. پاڪستاني اوپنر فخرالزمان 193 رنز جي اننگ کيڏي آخري اوور ۾ ٻئي رن لاپرواهي سان وٺندي 193 رنز تي رن آئوٽ ٿي ويو. پهرين ميچ پاڪستان ٽن وڪيٽن تان کٽي ورتي هئي ۽ هاڻي سيريز برابر ٿي وئي آهي. محمد حسنين 5 بالن تي 3 چوڪا هڻي 12 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. بابر اعظم 31 رنز ٺاهيون ٻيو ڪو به بيٽسمين بهتر راند نه ڪري سگهيو. ان کان اڳ ڊي ڪاڪ 80 رنز، ايڊن مارڪرم 39، ٽيمبا بائوما 92 رنز، رَيسي وَين ڊَر ڊُسن 60 ۽ ديوڊ ملر 50 رنز ٺاهي نمايان بيٽسمينن رهيا. حارث رئوف 54 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، شاهين آفريدي 75 رنز عيوض هڪ، حسنين 74 ۽ فهيم اشرف 62 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان جي 7 رنز تي پهرين وڪيٽ امام الحق وڃائي. ڏکڻ آفريڪا پاران اَينرچ نورٽجي 63 رنز تي 3 وڪيٽون ورتيون، ڦيلوڪوايو 67 رنز تي 2 وڪيٽون ورتيون، ربادا، تبريز شمسي ۽ لُونگي جدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو