ڏيرن هٿان گهٽا ڏئي نوجوان ڀاڄائي قتل، جوابدار فرار

ڏيرن هٿان گهٽا ڏئي نوجوان ڀاڄائي قتل، جوابدار فرار

بخشاپور ( سھيل جان ڊومڪي )گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنھل گولو ۾ گھرو اڻبڻت تان ڏيرن پنهنجي 22 ورھين جي ڀاڄائي مسمات ضميران زال عبدالله گولو کي گھٽا ڏئي بيدردي سان  قتل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع تي گبلو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا ناري جو لاش ھٿ ڪري ٿاڻي تي کڻائي آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاء ڪشمور جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جنهن ڪري سندن جي گرفتاري عمل ۾ ڪونه اچي سگھي آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گھرو اڻبڻت  تان پيش آيو قتل واري واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪونه ٿي سگھيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو