ڌرڻا ختم، 6 ڏينهن جي مهلت، خان خالي هٿين واپس

ڌرڻا ختم، 6 ڏينهن جي مهلت، خان خالي هٿين واپس

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پي ٽي آءِ اڳوان عمران خان سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ ڊي چوڪ تي سڄي رات ڌرڻو هڻڻ بعد صبح جو حڪومت کي 6 ڏينهن اندر اسمبليون ٽوڙي اليڪشن ڪرائڻ جي مهلت ڏئي بني گالا هليو ويو. عمران خان چيو ته جيڪڏهن حڪومت عمل نه ڪيو ته هو ٻيهر 20 لک ماڻهو وٺي اسلام آباد ايندو. هن چيو ته هاڻي ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته رڪاوٽون ۽ گرفتاريون نه ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته خدا جو شڪر آهي ته عوام عمران جي فتني فساد کي رد ڪيو ۽ هو مايوس ٿي خالي هٿين موٽي ويو. سڄي رات پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون جاري رهيون. جيو ۽ جنگ جي عمارت جيڪا ڊي چوڪ لڳ واقي آهي، ان تي پٿراءُ ڪري شيشا ٽوڙيا ويا. رينجرز ته ڪالهه شام جو ئي اچي وئي هئي پر رات 2 وڳي فوج کي طلب ڪيو ويو ۽ فجر وقت فوج جا دستا ريد زون جي حفاظت لاءِ پهچي ويا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءَ سبب پوليس ۽ رينجرز جا ڪجهه اهلڪار زخمي به ٿيا. هوڏانهن ڪراچي ۽ لاهور ۾ به پي ٽي آءِ جا ڌرنا ختم ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو