ڌاڙيلن پاران پوليس کي مليل ڌمڪيون

تحرير حسن ناز سومرو

سنڌ ڌرتي لاءِ اھو پڻ مشھور آھي ته ھي ڌرتي امن ۽ سک جو مسڪن آھي ھن ڌرتي تي رھندڙ ماڻھن هميشه امن جو پيغام ڏنو آھي پر جڏھن کان ھن ڌرتي تي ڌارين يلغار ڪئي آھي ته سنڌ ڌرتي ٽرامون  بڻجي پيئي آھي سنڌ جا سکيا ستابا ماڻھو بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ھتي انصاف نالي ڪابه  شيءِ موجود نه آھي اھي پوليس جا ٿاڻا ڌاڙيلن ۽ ذميندارن جون اوطاقون بڻيل آھي جتي غريب جيڪو انصاف گهرڻ لاءِ ٻاڏائيندو آھي ته ان جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويندو آھي ھتي من مستي رڳو زميندارن ۽ ڌاڙيلن جي ھلندي آھي ۽ پوءِ اھي سنڌ ڄاوا جيڪي پنھنجي عزت نفس کي مجروح ٿيندي ڏسي نه سگهندا آھن ته آخر ڪار ھو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آھن، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ پيدا ٿيڻ جا ڪيترائي قسم آھن پر ڪجھ ڌاڙيل اھڙا به آھن جيڪي نه چاھيندي به ڌاڙيل بڻجي ويا آھن جڏھن تہ ڪجھ ڌاڙيلن جا اھڙا قسم به  آھن جن کي زبردستي ڌاڙيل بڻايو ويو آھي جنھن ۾ سنڌ جا وڏيرا ۽ سنڌ جي پوليس سڌي ريت ملوث آھي پر افسوس جو اسين اصل ڏوھارين کي پڪڙڻ بدران رڳو ڌاڙيلن جا گهٽ گهير سوگها ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن جنھن جي نتيجي ۾اسان جي پوليس کي ڪنھن به قسم جي ڪاميابي نصيب نه ٿيندي آھي.سنڌ ۾ جڏھن ڪو ماڻھو اغواءَ ٿيندو آھي ته جي اغواءَ ٿيڻ جي خبر تر جي وڏيري کيبه  ھوندي آھي ته اتان جي مقامي پوليس کي به سموري خبر ھوندي آھي بس پوءِ ڪا ڊيل ٿيڻ جي انتظار ۾ پوليس بي ڏوھي ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪندي آھي ۽ پوءِ جڏھن مغوي آزاد ٿيندو آھي پوءِ پوليس جا ڪوڙا مقابلا ظاھر ڪري عوام کي ۽ بالا آفيسرن کي بي وقوف بڻائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي ويندي آھي ۽ پوءِ ڀنگ جا پئسا ڏيڻ جي باوجود به اھو ظاھر ڪيو ويندو آھي ته مغوي کي بنا ڀنگ جي بازياب ڪرايو ويو آھي، سو سنڌ اندر ڌاڙيلن جو موجود ھجڻ ڪا نئين ڳالھ به آھي پر افسوس جو ڌاڙيل پيدا ڪندڙن جو ڪڏھن به گهيرو تنگ ناھين ڪيو ويندو جنھن جي نتيجي ۾ اڄ به  ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙيل پنھنجون قھري ڪاروايون ڪندي نظر اچي رھيا آھن.ھن وقت سنڌ جي اترين علائقن ۾ ڌاڙيلن جون ڪاروايون عروج تي آھن، ھن وقت ڌاڙيل ڪڏھن عورتاڻي آواز ۾ ماڻھن کي برغلائي اغواءَ ڪري رھيا آھن ڪڏھن سنڌ جي اصل رھاڪن ھندن کي اغواءَ ڪري وڏا ڀنگ گهري رھيا آھن پر افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته سنڌ پوليس پاران ڪي به جوڳا اپاءُ نه  ورتا ويا آھن، گذريل ڏينھن شڪارپور ۾ ڌاڙيلن چئن پوليس اھلڪارن کي بي دردي سان شھيد ڪيو ويو جڏھن ته زندہ بچي ويل پوليس اھلڪارن پنھنجي ويڊيو ۾ پنھنجي اعليٰ آفيسرن کي منٿون ڪندي نظر آيا ۽ اھڙي قسم جون ويڊيو سوشل ميڊيا تي جام ھلي رھيون آھن جڏھن ٻئي طرف ڌاڙيل سنڌا فائر ڪندي پنھنجون ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي موڪلي رھيا آھن ۽ سنڌ پوليس جي بالا آفيسرن کي سڌيون سڌيون ڳالھيون ٻڌائي رھيا آھن ۽ سرعام ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن پر سوچڻ جي ڳالھ اھا آھي ته ڇا ڌاڙيل اھا ڳالھ ھاڻي چڱي ريت سمجهي ويا آھن ته ۾ ڪنھن به قسم جي جرئت نه رھي آھي ۽ نه ئي سنڌ پوليس ۾ ڪي اھڙا جوڌا جوان موجود آھن جيڪي ڌاڙيلن جو رستو روڪي سگهن. ھن وقت به سنڌ اندر تقريبن 30 ماڻھو اغواءَ ٿيل آھن ۽ پوليس کي اھا چڱي طرح خبر آھي ته اھي اغواءَ ٿيل ماڻھو ڪھڙن ڪھڙن ڌاڙيلن وٽ قيد آھن پر افسوس جو پوليس ڪن لاٽار ڪري وڏيرن جي درن تي ويٺا ٿا مانيون کائين جڏھن ته تعلقي سطح جي پوليس پنھنجي بالا آفيسرن کي وائرليس تي اھو پيغام ڏيئي رھيا آھن ته اسين ڌاڙيلن جي پٺيان ويل آھيون پر حقيقت ان جي ابڙ ھوندي آھي ۽ اھي ئي پوليس وارا وڏيرن جي اوطاقن تي مانيون کائڻ سان گڏوگڏ وڏيرن کي پڻ منٿون ڪندا رھندا آھن ته ڌاڙيلن ۽ مغوين جي وچ ۾ رابطو ڪرايو وڃي ته جيئن ڪا ڊيل ٿئي ۽ اھو سمورو جهنجهٽ ختم ٿئي سو ٿيندوبه  آھي. سنڌ جي اترين علائقن ۾ ھن وقت ڌاڙيلن جو راڄ قائم آھي ۽ پوليس ڪن ۾ ڪپھ وجھي سمھي رھي آھي پر ڪجھ دوست اھو سوال ضرور ڪندا ته جيڪڏھن پوليس ڪنن ۾ ڪپھ وجهي سمھي رھي آھي ته پوءِ اھي پوليس اھلڪار ڪيئن شھيد ٿيا ته سائين ان سوال جو به آسان جواب موجود آھي ته جتي پوليس وڏيرن جي اوطاقن تي مانيون کائي رھي ھجي ۽ اتي ئي ڌاڙيل اچي بڪتربند گاڏين جو گهيراءُ ڪن ته  ڇا اتي پوليس اھلڪار شھيد نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو. باقي جيڪي ڌاڙيل پوليس ماريندي آھي ته اھي به ڪن وڏيرن ھٿان پڪڙيل ماڻھو پوليس حوالي ڪيا ويندا آھن پر پوليس جي ڪم ۾ ڪا بھتري نظر نه پئي اچي.سو ان ڏس ۾ اسين سنڌ پوليس جي حوصلا شڪني ڪرڻ بدران اسين انھن کي ھمٿائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏين، جڏھن ته ھو ڌاڙيلن وڏيرن جي پشت پناھي ڪرڻ بدران پنھنجن اعليٰ آفيسرن جي قياددت تي يقين رکن ته يقين ڄاڻو اھو ڏينھن پري نه آھي جنھن ڏينھن سنڌ پوليس وارا وڏيرڪين چالن کي سمجهندي اصل ڏوھارين کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ويندا ۽ جڏھن سنڌ ۾ انصاف جو پلڙو وزني ٿي ويندو ته ان ڏينھن کان سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بھتر ٿي ويندي ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ امن جو گھوارو بڻجي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو