ڪراچي : ( رپورٽر ) ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو جي صدارت ھيٺ 12 ربيع اول جي ڏھاڙي سلسلي ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو اجلاس ۾ ايس پي ڪياماڙي ۔ ايڊمنسٽريٽر ڪياماڙي فيض محمد شيخ۔واٽر بورڊ ۔ڪي اليڪٽرڪ۔سنڌ سالڊ۔ جي انتظاميه سان گڏ عالمن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ عالمن ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو کي مسئلن کان آگاھ ڪيو ڊي سي ڪياماڙي لاڳاپيل انتظاميه کي مسئلو حل ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي ان موقعي تي ڊي سي مختيار علي ابڙي چيو ته جشن عيد ميلادالبني جي انتظامن کي ڦل پروف بڻايو وڃي ھن چيو ته پوليس۔ڪي اليڪٽرڪ۔ڊي ايم سي ۽ واٽر بورڊ انتظاميه عالمن سان مڪمل سھڪار ڪن سندس چوڻ ھو ته ڪم دوران ڪابه ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي مختيار علي ابڙو چيو ته ھن جي لاء اعزاز آھي ته ھن ٻيو ڀيرو جشن عيدميلادالنبي جي خوشين ۾ شريڪ آھن










