ڊي سي ابرار جعفر جو يوٽلٽي اسٽور جي ويئر ھائوس جو اوچتو دورو

ڊي سي ابرار جعفر جو يوٽلٽي اسٽور جي ويئر ھائوس جو اوچتو دورو

شڪارپور (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر جو يوٽلٽي اسٽور جي ويئر ھائوس جو اچانڪ دورو، راشن بيگ جي سامان جي چيڪنگ، ھن وقت تائين پنجونجاھ يو سيز مان ٻاونجاھ يوسين ۾ ستاويھ ھزار راشن بيگ تقسيم ڪري چڪا آھيون ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، شھري وارڊن ۾ ٻن ڏينھن اندر راشن بيگ تقسيم ٿيڻ شروع ٿيندا. شڪارپور ٻوڏ متاثر اطمينان رکن وڌيڪ راشن بيگ ايندا ء سڀني متاثرن کي امداد ملندي. ابرار جعفر، ضلعي انتظاميه سٺ ھزار راشن بيگ جو آرڊر ڏنو ھو، ستاويھ ھزار راشن بيگ ڏيئي چڪا آھيون. ريجنل مينيجر يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريشن فاروق احمد تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر اچانڪ يوٽلٽي اسٽور ويئر ھائوس جو دورو ڪيو ء ضلعي انتظاميه پاران برساتي ٻوڏ متاثرن لاء ٺھندڙ راشن بيگ ۾ موجود سامان جو جائزو ورتو ء راشن بيگ کولرائي ان ۾ سامان جي معيار ء مقدار چيڪ ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر ، يوٽلٽي مينيجر کي ھدايتون ڏيندي چيو ته کيس جلد از جلد راشن بيگ تيار ڪري ڏنا وڃن جيئن متاثرن جي وقت سر امداد ٿي سگھي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته ھو ھتي راشن بيگ ۾ موجود سامان جي معيار ء مقدار چيڪ ڪرڻ آيو آھي . ھن چيو ته ھن وقت تائين شڪارپور جي پنجونجاھ يوسين مان ٻاونجاھ يوسيز ۾ ستاويھ ھزار کان وڌيڪ راشن بيگ تقسيم ڪري چڪا آھن جڏھن ته ٻٽيھ ھزار راشن بيگ به ڪجھ رھيل يوسي ء شھري وراڊن ۾ ڪجھ ڏينھن ۾ تقسيم ڪري وٺندا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ٻوڏ متاثرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ھي سٺ ھزار راشن بيگ ضلع حڪومت پنھنجي فنڊ مان فراھم ڪري رھي آھي جنھن تحت لوڪل گورنمينٽ جي نمائيندن يو سي چيرمين ء ضلع ڪائونسل ميمبر جي نگراني ۾ ھرھڪ يوسي ۾ پنج سئو راشن بيگ ء ھر وراڊ ۾ ٽي سئو راشن بيگ ڏنا پيا وڃن جڏھن ته پي ڊي ايم کان امداد اچڻي آھي. ھن چيو ته ٻوڏ متاثر ٿورو صبر کان ڪم وٺن ، وڌيڪ امدادي سامان ايندو ء ھر ٻوڏ متاثر تائين امداد پھچندي. ريجنل مينيجر يوٽلٽي اسٽور فاروق احمد شڪارپور چيو ته ضلع حڪومت سٺ ھزار راشن بيگ جو آرڊر ڏنو آھي جن مان ستاويھ ھزار کان وڌيڪ راشن بيگ ڏيئي چڪا آھيون ء باقي ٻٽيھ ھزار ڏھن ڏينھن اندر تيار ڪري وٺنداسين. ھن چيو ته ھن راشن بيگ ۾ ڏھ ڪلو اٽو، پنج ڪلو چانور، ٻه ڪلو کنڊ ، ھڪ ڪلو دال، ٻه ليٽر ڪڪنگ آئل، ٻه سئو گرام چانھ پتي،ٻه سئو گرام مرچ،ڪلو لوڻ ، ھڪ ڊيٽول صابڻ، ء ھڪ ڊٻي ماچيس جي شامل آھي. ھن چيو ته معيار ء مقدار ۾ يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريشن بھترين رکيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو