اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت سڀني وزارتن ۽ ڊويزنن کي سرڪاري ڊيٽا چوري ٿيڻ جي خدشن کان آگاهه ڪندي خبردار ڪيو آهي ته هو سائبر حملن کان بچڻ لاءِ حفاظتي اپاءَ وٺن ۽ احتياط ڪن. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ جي ڪوڙن ۽ نامعلوم نمبرن يا گروپس يا اي ميلز ذريعي ريموٽ ايڪسس ٽولز (آر اي ٽي) فائيل موڪلي ڊيٽا چوري ڪري سگهجي ٿي. سڀني وزرتن ۽ ڊويزنن جي سربراهن کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته هو پنهنجي سڀني ملازمن کي اهڙين مشڪوڪ ميسيجز کولڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪن.










