لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار چيو آهي ته ماڻهن ڊيم فنڊ ۾ 10 ارب رپيا جمع ڪرايا هئا.هڪ تقريب سان خطاب ڪندي ثاقب نثار چيو ته رقم جي حفاظت لاءِ 5 رڪني بئنچ جوڙي هئي، جمع ٿيندڙ رقم کي ان بئنچ انويسٽ ڪري ڇڏيو هو، جيڪا وڌي 17 ارب رپيا ٿي وئي.هن چيو ته ماڻهن جيڪا رقم ڏني، اها محفوظ هٿن ۾ آهي، جنهن تيزي سان اسان ڊيم جي تعمير ڪرائڻ چاهي، ان ۾ رنڊڪون پيش آيون، جيڪي نٿو ٻڌائڻ چاهيان.










