ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊفينس جي رهائشين پاران برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بابت مظاهرو ڪرڻ تي ڪيس داخل داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ جي ٻاهران رهائشين پاران ڪيل مظاهري ۽ هنيل ڌرڻي دوران سول سوسائٽي جي نمائندن به شرڪت ڪئي. مظاهرين چيو ته ٽيڪس جي نالي ۾ ڪينٽونمينٽ بورڊ وارا ڀتو وٺي رهيا آهن ڪا سهولت ميسر نٿا ڪن.

شهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته ايمنٽي پلاٽن تي شادي هال ۽ ڪمرشل عمارتون اڏيون ويون آهن. پاڻي جي نيڪال جي ٻن نالن کي پوري ان تي تجارتي عمارتون تعمير ڪيون ويون آهن. هي ڪيس داخل ڪري ڊيڄارڻ ٿا چاهين، اسين مڪمل سهولتن تائين احتجاج ڪنداسين گرفتارين کان نٿا ڊڄون. جماعت اسلامي جي حافظ نعيم ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. بلديات جي وزير ناصر شاهه به ڪيس داخل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.










