ڊسڪوز جي نجڪاري، صارفين جي مفاد کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت

ڊسڪوز جي نجڪاري، صارفين جي مفاد کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڊسڪوز جي نجڪاري واري معاملي ۾ صارفين جي مفاد کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي.بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين(ڊسڪوز) جي نجڪاري ۽ پرائيويٽائزيشن ڪميشن جي اصلاحاتي نئين سري سان تنظيم سازي تي جائزه اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ هن خصوصي هدايتون ڏيندي چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري ۾ عالمي معيار جي سرمائيڪارن جي شموليت يقيني بنائڻ جي لاءِ موثر ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.شهباز شريف چيو ته نجڪاري ڪميشن ۾ جاري اداره جاتي اصلاحات ۽ نئين سري سان جوڙڻ جو ڪم هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نجڪاري جي عمل ۾ سرمائيڪارن جي شموليت لاءِ اندرون ۽ بيرون ملڪ ٿيندڙ ڪامياب روڊ شوز سبب اطمينان آهي. ڊسڪوز جي نجڪاري جا سمورا مرحلا مقرر مدي ۾ طئي ٿيل قاعدن ۽ بهترين حڪمت عملي موجب منافعي بخش انداز ۾ مڪمل ڪيا ويندا.هن چيو ته نجڪاري ڪميشن جي افرادي قوت ۾ عالمي معيار جي مالياتي، قانوني ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. عالمي معيار جي افرادي قوت ۽ نجڪاري ڪميشن جي ماهرن جو تعداد ۽ ادارن ۾ سرمائيڪاري وڌائڻ جي لاءِ موثر قدمن کي يقيني بنايو وڃي.اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم هدايت ڏني ته نجڪاري جي عمل ۾ صارفين جي مفاد کي اوليت ڏني وڃي. نجڪاري ۾ شامل ادارن ۾ مستقبل ۾ صارفين جي شڪايت جي ازالي جو جامع ۽ موثر انتظامي ڍانچو يقيني بنايو وڃي.هوڏانهن اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نجڪاري جي پهرين مرحلي ۾ شامل ورهاستي ڪمپنين گيپڪو، فيسڪو ۽ آئيسڪو ۾ سرمائيڪارن جي دلچسپي جي لاءِ اندرون ۽ بيرون ملڪ روڊ شوز مڪمل ڪيا ويا آهن. ترڪيه، سعودي عرب ۽ چائنا ۾ روڊ شوز ۽ سرمائيڪارن کان نجڪاري جي حوالي سان رابطن جا حوصله ڏيندڙ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن طرفان ورهاست ڪندڙ ڪمپنيز جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کان هينئر تائين کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير توانائي سردار اويس احمد خان لغاري، وفاقي وزير احد خان چيمه، وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي شزا فاطمه، وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو