ڊريپ کان دوائن جون قيتون مقرر ڪرڻ جو اختيار واپس

ڊريپ کان دوائن جون قيتون مقرر ڪرڻ جو اختيار واپس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان کان دوائن جي قيمتن جي مقرري جو اختيار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته زندگي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن جو تعين نئون ٺهيل بورڊ ڪندو، وزيراعظم جي هدايتن تي ڊريپ وٽان دوائن جي قيمتن جي مقرري جو اختيار ورتو پيو وڃي.صحت واري وزارت جي اختيارين موجب زندگي بچائيندڙ دوائن جون قيمتون ڊريپ ۽ جنريڪ دوائن جون قيمتون دواسازي ڪمپنيون مقرر ڪنديون آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته دوائن جي قيمتن کي مقرر ڪرڻ لاءِ نئين باڊي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي تجويز تيار ڪري رهي آهي.آفيسرن جو اهو به چوڻ آهي ته في الحال DRAP صرف زندگي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن جو تعين ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو