ڊجيٽل سروسز جي ڪري ملڪ جي آمدني ۾ 240 سيڪڙو اضافو

ڊجيٽل سروسز جي ڪري ملڪ جي آمدني ۾ 240 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڊجيٽل سروسز متعارف ڪرائڻ جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن ۽ ملڪ جي روينيو ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ موجب ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ 20-2021ع ۾ ڊجيٽل اپاءَ ورتا، جنهن جي نتيجي ۾ آمدني ۾ 114 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 21-2022ع ۾ آمدني ۾ 267 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ان مالي سال 22-2023 ۾ آمدني ۾ 242 سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊجيٽل قدمن کان اڳ، مالي سال 20-19 ۾ آمدني ۾ واڌ 63 سيڪڙو، مالي سال 18-2019 ۾ 83 سيڪڙو ۽ مالي سال 17-2018 ۾ 76 سيڪڙو هئي.رپورٽ موجب مالي سال 21-2022ع جي مقابلي ۾ 22-2023ع ۾ آمدنيءَ جي واڌ ۾ معمولي گهٽتائي آئي ۽ روينيو ۾ واڌ جو سبب نئين رجسٽريشن ٽيڪس جي وڌيڪ شرح آهي، جڏهن ته نئين ٽيڪسن تي ٽيڪس جي شرح اسلام آباد ۾ رجسٽريشن تمام گهڻي آهي.آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آڊٽ سروي ۾ 76 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندڙن کي ڊجيٽل خدمتن جي ڄاڻ هئي ۽ اٽڪل 98 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندڙن کي ڊجيٽل خدمتن کي ڪارائتو قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو