ڊاڪٽر حئي بلوچ جي آخري رسمن ۽ تدفين جون تياريون

ڊاڪٽر حئي بلوچ جي آخري رسمن ۽ تدفين جون تياريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر بلوچ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جيڪو گذريل ڏينهن ايم فائيو تي جلال پور پير والا وٽ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، تنهن جي ڊيڊ باڊي اباڻي علائقي ڀاڳ ناڙي پهچائي وئي آهي. جتي سندس پٽ چنگيز خان موجب آخري رسمون ادا ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر  بلوچ jٿي ويو آهي. هو گزريل ڏينهن حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ملهايل مادر وطن جي ڏينهن جي تقريب م شريڪ بعد ذاتي ڪم سان لاهور وڃي رهيو هو ته سکر ملتان موٽر وي تي جلال پور لڳ اوور ٽيڪ ڪندي ٽرالر سان سندس گاڏي ٽڪرائيجي وئي هئي. گاڏي ۾ ڊرائيور ۽ 2 ٻيا ساٿي به هئا. حادثي بعد ريسڪيو 1122 وارن کيس لوڌران سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن موجب کيس مرده حالت ۾ آندو ويو هو. سندس لاش بهاولپور يونيورسٽي جي شاگرد ختيار بلوچ وصول ڪيو ۽ اباڻي علائقي کڻي وڃڻ جو انتظام ڪيو. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ يوم مادر وطن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان ۾ عدليا آزاد ناهي ۽ عدليا جي آزادي کانسواءِ معاشرا ترقي نه ڪندا آهن. 77 ورهين جو ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ نيشنل پارٽي جو صدر رهي چڪو هو، هن آئين ساز اسمبلي جي چونڊ ۾ خان آف قلات کي شڪست ڏني هئي. 2018ع ۾ هن پنهنجي نئين پارٽي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي قائم ڪئي. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ايم اين اي ۽ سينيٽر به رهيو. هو بي ايس او جو باني اڳواڻ هو. هن سڄي حياتي سياست لاءِ وقف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو