ڊاڪٽر عاصم جي نيب ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل

ڊاڪٽر عاصم جي نيب ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين نيب ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته احتساب عدالت نيب ترميمي ايڪٽ باوجود ڊاڪٽر عاصم جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. وڪيل چيو ته احتساب عدالت پنهنجي حڪم ۾ بريت جي درخواست رد ڪرڻ جا سبب نه لکيا، اهو به نه ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر عاصم خلاف ريفرنس تي نيب ترميمي ايڪٽ ڇو لاڳو ناهي. ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل چيو ته درخواست جي فيصلي تائين احتساب عدالت کي ريفرنس تي حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 22 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو