ڊالر مهانگو، رپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ۽ پاڪستاني رپئي جي لاٿ جو سلسلو جاري آهي، آمريڪي ڊالر اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 228 رپيا 75 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، ڊالر 228 رپيا 75 پئسا تي بند ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي. اڄ صبح پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 223 پوائنٽس وڌي 38565 تي پهچي ويو. ڪالهه 100 انڊيڪس 38342 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو