ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ دير ٿيڻ سبب اربع ڏينهن انٽر بئنڪ ٽريڊ دوران ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ 2 رپيا کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي. فاریکس ايسوسي ايشن آف پاڪستان موجب مقامي ڪرنسي ڊالر جي مقابلي ۾ 2.09 رپين جي گهٽتائي سان 210 رپين تي واپار ڪري رهي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل خميس ڏينهن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڊالر 207.91 رپين تي بند ٿيو هو.










