ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ انٽر بينڪ ٽريڊنگ جي شروعات ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 7 پئسا واڌ ٿي وئي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 7 پئسا مهانگو ٿي 278 رپيا 80 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 73 پيسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 109 پوائنٽس وڌي 77224 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 77 هزار 114 پوائنٽس تي بند ٿيو.










