ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر پوئتي هٽي ويو آهي جنهن سبب پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.ڊالر اڄ صبح جي شروعاتي واپار ۾ وڌيڪ ڪمزور ٿي چڪو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 38 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 265 رپيا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 265 رپيا 38 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 181 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 507 تي پهچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 326 پوائنٽس تي بند ٿيو










